اسلام آباد ( م ڊ) صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي وزير محسن نقوي پگهار وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي. سوال اهو آهي ته پاڪستان کي ڪهڙو معاشي فائدو ٿيندو؟ ايوان صدر جي بجيٽ ڏيڍ ارب کان وڌيڪ آهي، 12 لک صدر جي پگهار آهي. اڳوڻي صدر ممنون پنهنجي دور ۾ اهو ڪم ڪيو هو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کان صدر جي پگهار هڪ رپيو وڌيڪ هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته صدر سپريم اٿارٽي آهي ان لاءِ جڏهن به ججن جي پگهار وڌندي آهي ته صدر جي پگهار به وڌندي آهي. عمر چيما پنهنجي ويلاگ ۾ ٻڌايو آهي ته هاڻي صدر جي پگهار 12 لک کان وڌيڪ هوندي. ساليانو اها پگهار ڏيڍ ڪروڙ رپيا ٺهي ٿي. هاڻي بجٽ مان هڪ سيڪڙو ڪٽجي ته ڪهڙو فرق پوندو؟ اهڙو اعلان اڳوڻي صدر ذوالفقار علي ڀٽو به صدر ٿيڻ تي ڪيو هو پر خبر پئي ته ڪراچي واري گهر ۽ لاڙڪاڻي واري گهر کي ڪيمپ آفيس ڪري مرمت ڪرايو ويو، اهو سڀ خرچ سرڪاري کاتي ۾ آهي. ان کان بهتر فيصلو بجيٽ مان پنجاهه ڪروڙ رپيا ڪٽن هو. ايوان صدر ۾ فضول خرچي جا به داستان آهن. چاليهه کان پنجاهه گهوڙا هوندا آهن جنهن جو پورو خيال رکڻ لاءِ هڪ ڪرنل رکيو ويو آهي. ٻاهران ڪو سفير ايندو آهي ته ان کي پاڪستان ۾ گهوڙن تي وٺي اچبو آهي ڇاڪاڻ ته شاهي سواري آهي. صدر جي چونڊجي اچڻ تي سندس انٽري لاءِ به انهن گهوڙن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. غريب ملڪ اهڙيون عياشيون ناهن ڪندا. جڏهن ته ٻاهرين ملڪن ۾ به هاڻي روايتون مٽجي ويون آهن هو به وڏين گاڏين تي ٻين ملڪن جي سفيرن کي گهمائيندا آهن. ان کانسواءِ ايوان صدر ۾ نوان نوان طعام تيار ٿيندا آهن. ايوان صدر ۾ 500 سي ڊي اي جا ماڻهو هوندا آهن، 100 کان 200 پوليس اهلڪار هوندا آهن. ان ۾ ڏيڍ ارب مان ڪجهه به خرچ ناهي ٿيندو پر سي ڊي اي جي بجيٽ مان خرچ ڪيو ويندو آهي. ايوان صدر جي مرمت به سي ڊي اي جي بجيٽ مان ٿيندي آهي. ٻارن جي ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهائي، گهر جا خرچ، ڊرائيور ۽ ٻيا ڪم سرڪاري خرچ تي ڪيا ويندا آهن. سو پنهنجي پگهار نه وٺي قوم تي احسان نٿا ڪن ان سان معيشت تي ڪو خاص اثر نه پوندو.