اڳوڻي عورت جج خلاف درخواست تي ڊي آءِ جي ۽ ٻين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خلاف درخواست تي عدالت ڊي آءِ جي اصفر مهيسر، ايس ايس پي انويسٽيگيشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏياآهن .عدالت پاران ڊي آءِ جي اصفر مهيسر ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن اوڀر کي ذاتي حيثيت ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو ويو آهي.عدالت درخواست جي ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار شهري محمد نديم چيو ته اڳوڻي جج جي غير قانوني حڪمت عملي کان بچايو وڃي، ڌرين خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪري اڳوڻي جج کي سهولتڪاري ڏيڻ کان روڪيو وڃي، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل پوليس اهلڪارن کي به غلط ڪاررواين کان روڪيو وڃي، ڌرين کي شهري خلاف وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ کان به روڪيو وڃي، درخواستگذار چيو ته ڌرين کي شهري تي تشدد ۽ حراسان ڪرڻ کان به روڪيو وڃي، درخواستگذار وڌيڪ چيو ته اڳوڻي جج حفصه عثمان کي فليٽ خالي ڪرڻ جو چيو ويو ته شهري کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، شهري تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، درخواستگذار چيو ته  ڪيس داخل ڪرڻ جو مقصد شهري جي فليٽ تي قبضو ڪرڻ هو، پوليس طرفان درخواستگذار ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ فليٽ تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪيو ويو.  پوليس جي ڳالهه  نه مڃڻ جي صورت ۾  قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون، درخواست ۾ آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايس ايس پي اوڀر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.