اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ پاڻي جو مسئلو ڪافي حساس آھي.ان جو نبيرو مسلم ليگ جي پھرين حڪومت ۾ ارسا جڙڻ سان ٿيو ھو،جيڪو 44 سالن بعد حل ٿيو،تڏھن نوازشريف وزيراعظم ھو،ھو ھميشه اھو ڪريڊٽ به کڻندا رھيا آھن،آبي وسلين جي ورڇ بابت ھڪ اٿارٽي جوڙي وئي.ھي ايترو ڏکيو معاملو آھي جو آمر ضيا افغانستان ته فتح ڪري ورتو،روس کي ٽوڙي ڇڏيو پر ڪالاباغ ڊيم نه ٺاھي سگھيو،جنرل مشرف ملڪ کي روشن خيال بڻائي ڇڏيو پر ڪالاباغ ڊيم نه ٺاھي سگھيو.سينئر صحافي نصرت جاويد موجب ھڪ سياسي حڪومت 44 سالن بعد ملڪ ۾ پاڻي جي حل جو قانون جوڙيو،وري نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اچي آرڊيننس ذريعي ان ۾ ترميم ڪري ڇڏي.ان جو فائدو کڻندي 12 مارچ تي وزيراعظم شھبازشريف ڊاڪٽر ظفر کي ان جو سربراهه بڻائي ڇڏيو.اھو غلط قدم ھو،جنھن ڪري وري 24 ڪلاڪن ۾ اھو فيصلو کيس واپس ڪرڻو پيو.