مانجهند ڀرسان ٽرڪ جو چنگچي سان ٽڪر، عورت سوڌو 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي

ڄامشورو/ مانجهند/ سن (نمائندن وٽان) مانجهند ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جو چنگچي سان ٽڪر عورت سميت هڪ ئي خاندان جا 2 ڀاتي فوت ٿي ويا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي، عوورت جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ خلاف لاش رکي انڊس هاءِ وي تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو، مانجهند مان بينظير انڪم سپورٽ جي رقم کڻي ڳوٺ سرائي سولنگي ويندڙ عورتن ٻارڙن سان ڀريل چنگچي ڳوٺ کي ويجهو موڙ ڪاٽڻ دوران سامهون ايندڙ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ھڪ ئي خاندان جي هڪ عورت سميت 2 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته عورتن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتين ۾ 30 ورهين جي مسمات اختياران  زال پسند  سولنگي ۽ سندس ماسات 28 ورهين جو چنگچي ڊرائيور شڪيل پٽ غلام شبير سولنگي شامل آھن جڏھن ت زخمين ۾ مسمات نائلا  زال دمشاد سولنگي 7 ورهين جو حميدالله پٽ دمشاد سولنگي 5 ورهين جو ڪالو سولنگي پٽ سينگار سولنگي مسمات نوربانو  زال آچر نول 8 ورهين جو ذاڪر علي رند شامل آھن فوتين ۽ زخمين کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال مانجهند آندو جتي مرد فوتي جي لاشن جي پوسٽ مارٽم ڪئي وئي، جڏهن ته زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جتي عورت نائلا سولنگي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو حادثي جي اطلاع تي فوتين جي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، مڇريل نوجوانن ٽرڪ کي ساڙڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي تعلقي اسپتال مانجهند ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب عورت جو لاش 3 ڪلاڪ اسپتال ۾ هئڻ تي وارثن مڇرجي لاشن کي کڻائي ڳوٺ سرائي سولنگي وٽان لاش رکي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو يو، سي وائيس چئرمين لاکا رضا محمد سولنگي ٻڌايو ته اسپتال ۾ ڪابه سهولت نه هئڻ سبب زخمين کي سخت مشڪلاتون پيش آيون، ليڊي ڊاڪٽر مقرر ناهي ٿيل جنهن سبب پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي سيوهڻ کان ڪراچي وڃڻ کان اڳ انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو ايس ايس پي ڄامشورو طارق نواز ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرايو، وڏا ڇڇر پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.