ڪراچي (رپورٽر)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سينيٽ جي چونڊن حوالي سان شيڊول جاري ڪرڻ کان پوءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ سينيٽ بابت صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ رٽرننگ آفيسر شريف الله جي آفيس ۾ سنڌ جي سينيٽ ۾ 12 سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهريون ڏينهن مختلف پارٽين جي اميدوارن جو نامزدگي فارم وٺڻ جو سلسلو جاري رهيو، 200 اميدوارن فارم وصول ڪيا پر ڪنهن به فارم جمع نه ڪرايو، اڄ ڇنڇر ڏينهن ٽين وڳي تائين اميدوار پنهنجا فارم وصول ۽ جمع ڪرائي سگهندا. فارم وصول ڪندڙن ۾ پي ٽي آءِ جو اڳوڻو وفاقي وزير فيصل واوڊا، پيپلز پارٽي جي مولا بخش چانڊيو، روبينا قائم خاني، مسرور احسن، بئرسٽر ضمير گھمرو، سرمد علي، گھنور اسراڻ، تحريڪ انصاف جي عبدالوهاب سميت ٻيا نامزدگي فارم حاصل ڪرڻ وارن ۾ شامل هئا. آچر 17 مارچ تي فارم حاصل ڪرڻ وارن فهرست جاري ڪئي ويندي، 19 مارچ تي فارم جي اسڪرونٽي ڪئي ويندي.21 مارچ تي فارم جي منظوري يا رد ٿيڻ خلاف ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪيون وينديون. جڏهن ته 25 مارچ تي ٽربيونل ۾ اپيلن تي فيصلو ڪيو ويندو. صوبائي اسميبلي ۾ 2 اپريل تي صبح 9 کان شام 4 وڳي تائين پولنگ ٿيندي. سنڌ ۾ سینیٽ جون 7 جنرل، ٻه عورتن، ٻه ٽيڪنوڪریٽ ۽ هڪ اقليت جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي.