واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ايوان جي پرڏيهي معاملن واري ڪاميٽي وچ اوڀر، آفريڪا ۽ وچ ايشيا بابت پنهنجي ماتحت ڪاميٽي کي پاڪستان ۾ جمهوريت جي مستقبل تي 20 مارچ تي ٿيندڙ ٻڌڻي جي ذميواري ڏني آهي، ٻڌڻي ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کان پوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تي به ويچاريو ويندو، ڏکڻ ۽ سينٽرل ايشيائي معاملن جو اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊونلڊلو ان ٻڌڻي جو اڪيلو شاهد هوندو، سائفر تڪرار ۾ ڊونلڊ لو جي مبينا طور تي ملوث هجڻ جا سبب ان جي شاهدي اهميت رکي ٿي، تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جو الزام آهي ته ڊونلڊلو مارچ 2022ع ۾ واشنگٽن م ان وقت جي پاڪستاني سفير اسد مجيد خان سان ملاقاتن دوران پي ٽي آءِ حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. اليڪشن تي آمريڪي ڪانگريس ۾ ٻڌڻي جي معاملي تي پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان چيو ته ان حوالي سان سب ڪميٽي جو اجلاس 20 مارچ تي شيڊول آهي، پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، اميد ڪريون ٿا ته آمريڪي ڪانگريس ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي،واشنگٽن ۾ پرڏيهي پاليسي ۽ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڪانگريس جي ذيلي ڪميٽي پاران پاڪستان ۾ چونڊن ۽ جمهوريت تي ٻڌڻي منعقد ڪرڻ پي ٽي آءِ لابنگ جو نتيجو آهي، آمريڪا ۾ پاڪستاني اڳوڻي سفير حسين حقاني چيو ته ايئن لڳي ٿو ته اها ٻڌڻي آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ حامين جي لابنگ جو نتيجو آهي،اهي پاڪستان جا اندريان سياسي معاملا عالمي سطح تي اٿارڻ چاهين ٿا،آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ دا ولسن سينٽر جي ڏکڻ ايشيا انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر مائيڪل ڪگلمين به چيو ته 20 مارچ تي ٿيندڙ سماعت آمريڪا ۾ عمران خان جي حامي پاڪستاني امريڪي ووٽ ڏيندڙن ۽ پي ٽي آءِ جي لابنگ جو نتيجو آهي،ذلفي بخاري چيو ته جيڪڏهن آمريڪا جي ڪجهه ڪانگريس ميمبرن اها ٻڌڻي گهرائي آهي ته ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن پاڪستان جي صورتحال ڏٺي ۽ چونڊن ۾ جيڪا ڌانڌلي ٿي ان کي سامهون آڻيندڙ پي ٽي آءِ آهي