ڪالاباغ ڊيم حامي ظفر محمود جي ارسا چيئرمين مقرري خلاف عوامي تحريڪ جو حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر/پ  ر) ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني طور ترميم ڪري ڪالاباغ ڊيم جي حامي ظفر محمود جي ارسا چيئرمين مقرري خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سينيئر صحافي دستگير ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل، وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت، سنڌ صحافي اتحاد جي سرواڻ نعمت کهڙو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي  اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، عوامي ورڪرس پارٽي ضلعي حيدرآباد جي صدر درياءَ خان چانڊيو، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، ايڊووڪيٽ ابرار ابڙو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي پٺڀرائي سان آندل ارسا ايڪٽ ۾ ترميمي آرڊيننس مارشل لا جي نشاني آهي. سنڌ دشمن ظفر محمود جي ارسا چيئرمين طور مقرري کي سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو. وزيراعظم شھباز شريف آئين کي پيرن هيٺيان لتاڙيو آهي. شهباز حڪومت سنڌ دشمن فيصلا واپس وٺي. پيپلز پارٽي اتحادي حڪومت جو حصو آهي. پيپلز پارٽي جا اڳواڻ سنڌي عوام سان ڊراما ڪرڻ بند ڪن، وزيراعلي مراد علي شاه سي سي آءِ جو هنگامي اجلاس سڏائڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکي، ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم خلاف سنڌ اسيمبلي مان قراداد منظور ڪئي وڃي. پيپلز پارٽي پارليامينٽ مان ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس کي ڪالعدم ڪرائي. ارسا چيئرمين جي غير آئيني مقرري سان وفاق ۽ صوبن ۾ ڇڪتاڻ ٿيندي. حڪمرانن ملڪ کي آئين ۽ قانون بدران ڏنڊي جي زور تي هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ارسا چيئرمين جي غير آئيني مقرري جھڙن فيصلن سان ملڪ وڌيڪ غير مستحڪم ٿيندو. حڪمران 1971 واري صورتحال پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪن. هنن چيو ته اڳوڻي نگران سرڪار آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ 155 جي خلاف ورزي ڪندي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمي آرڊيننس منظور ڪيو. وزيراعظم شھباز شريف نگران سرڪار جي ان غير آئيني فيصلي تي عمل ڪندي سنڌ دشمن ظفر محمود کي ارسا چيئرمين مقرر ڪيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي پٺڀرائي سان ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ هاڻي ايس آئي ايف سي جو راڄ قائم ڪيو ويو آهي. ارسا کي سڌو وفاق حوالي ڪرڻ وفاقي جمهوري اصولن جي انحرافي آهي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌو درياهه مٿان ڌاڙو آهي. سنڌ کي مڪمل بنجر بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.