لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ پرويز الاهي ضمني چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اڳوڻو پنجاب جو وڏو وزير پي پي 32 گجرات مان ضمني اليڪشن وڙهندو. پرويز الاهي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيشي دوران پنهنجي ڪاغذن تي صيحيح ڪري ڇڏيون آهن، لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت ۾ پرويز الاهي ۽ ٻين جي خلاف مني لارڊنگ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جج تنوير احمد شيخ ٻڌڻي ڪئي، پرويز الاهي عدالت ۾ پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي، عدالت ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.