حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي عوام جي سخت ردعمل کانپوءِ وفاقي حڪومت پاران تازو مقرر ڪيل ڪالا باغ ڊيم جي حامي کي ارسا چيئرمين واري عهدي تان هٽائي ڇڏيو، پر سنڌ جي گهڻ گهرن، سياسي اڳواڻن، اديبن ۽ دانشورن، ارسا چيئرمين کي هٽائڻ جي آجيان ڪرڻ سان گڏ اهو مطالبو ڪيو آهي ته تازو نگران حڪومت جي دور ۾ آرڊيننس جي ذريعي ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم ختم ڪئي وڃي. سوشل ميڊيا تي اهو مطالبو زوردار انداز سان ڪيو پيو وڃي ته ارسا ايڪٽ ۾ ٿيل تازي ترميم دراصل تاريخي سنڌي قوم کي معاشي طور تي قتل ڪرڻ جي ھڪ ڀيانڪ سازش آھي، ان ڪري فوري طور تي ترميم کي ختم ڪري سنڌي ماڻھن ۾ پيدا ٿيل بيچيني کي ختم ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي فيسبڪ پيج تي لکيو ته ارسا چيئرمين کي هٽائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي، پر ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ختم ڪري ترميمي آرڊيننس واپس ورتو وڃي. نامياري دانشور نصير ميمڻ لکيو ته سنڌ واسين جي گڏيل آواز جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت وزير اعظم آڏو ارسا جي غير آئيني چيئرمين جي مقرريءَ تي اسٽينڊ ورتو جنهن جي نتيجي ۾ اها مقرري رڪجي وئي. اها سنڌ جي گڏيل سگھه جي ڪاميابي آهي، جيڪا پرامن جمھوري جدوجهد جي حاصلات جي علامت آهي. البته اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ارسا چيئرمين جي مقرري رد ٿيڻ اڌ ڪاميابي آهي، خرابيءَ جي اصل پاڙ ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وارو آرڊيننس آهي. ان آرڊيننس هيٺ ئي اها مقرري ٿي هئي. سنڌ جي عوام کي ان غير آئيني آرڊيننس کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي. اڃا ته کوھ مان رڳو بالٽيون نڪتيون آهن، ڪتو (ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس) اڃا به کوھه ۾ آهي. پيپلز پارٽي ۽ ان جي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وزير اعظم کي چئي اهو آرڊيننس جلد کان جلد قومي اسيمبليءَ اڳيان پيش ڪري ان کي رد ڪرايو وڃي. اهو آرڊيننس ملڪي آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي جاري ڪيو ويو هو تنهنڪري ان کي بنا دير اسيمبليءَ هٿان رد ڪرايو وڃي. سنڌ واسي ان آرڊيننس کي ختم ڪرڻ تي پنهنجي اصولي پرامن جدوجهد جاري رکن. نامياري دانشور جامي چانڊئي لکيو ته اِرسا جي ڍانچي ۾ غيرآئيني ۽ غير وفاقي ناجائز تبديليون واپس ڪيون وڃن، سنڌ حڪومت ان تي خاموش ھوندي ته اھا خاموشي به مجرماڻي ھوندي. نامياري اديب تاج جويو لکيو ته سنڌ جي شعور جي دٻاءُ سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن، عوامي تحريڪ، اديبن، ڪالم نگارن نصير ميمڻ، اعجاز قريشي ۽ ٻين جي سوڀ! ارسا چيئرمين ظفر محمود جو نالو رد ٿيو، نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو، سنڌ جي شعور کي مبارڪ، پر ارسا ايڪٽ ۾ ترميم اصل مسئلو آهي، ان کي ختم ڪيو وڃي. سرمد راڄپر لکيو ته رڳو ارسا چيئرمين کي هٽائڻ ڪافي ناهي، ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم فوري طور تي ختم ڪري سنڌ جون زمينون بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن. صحافي ۽ اينڪر ناجيا مير لکيو ته ارسا چيئرمين جي مقرري رد ٿيڻ اڌ ڪاميابي آهي، خرابيءَ جي اصل پاڙ ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وارو آرڊيننس آهي. صحافي نعمت کهڙي لکيو ته سنڌ دُشمن ڪاموري ظفر محمود جي ارسا چيئرمين طور مُقرري رَد، وزيراعظم آفيس طرفان باضابطا آرڊر جاري، ھاڻي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ٿَل ڪئنال فيز 2 خِلاف ڀرپور جُدوجھد ڪرڻ گُھرجي، جنھن ۾ سنڌ جُون زمينون واپس ڪرڻ جو مُطالبو پِڻ شامل ھُجي. عبدالرحيم عباسي لکيو ته پنھنجي نسلن جي بقاءَ جي جنگ وڙھڻ تي سڄي سنڌ کي ارسا جي چيئرمين جي مقرري خلاف ڀرپور آواز اٿاريندڙ تي فخر آھي، پاڻي جياپو آھي سنڌ حڪومت پاران سخت موقف بعد ڪالاباغ ڊيم حامي ارسا چيئرمين گهر ڀيڙو ٿيو.
اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين انڊس ريور سسٽم اٿارٽي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، وزيراعظم گريڊ 22 جي رٽائرڊ آفيسر ظفر محمود کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو هو، وزيراعظم آفيس ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪشن واپس وٺڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. هن کان اڳ سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شرورو ٻڌايو هو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ رابطو ٿيو آهي، هن چيوته وزيراعظم شهباز شريف ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. ڄام خان شورو ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير موقف اختيار ڪيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ طئي ٿي چڪو آهي ته چيئرمين جي مقرري روٽيشن جي بنياد صوبن جي ميمبر سان ٿيندي، ڄام خان شورو مطابق پاڪستان جي وزيراعظم، سنڌي جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي موقف کي مڃي ورتو آهي. هن کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاه چيو ته وزيراعظم شهباز شريف تڪراري شخص کي چيئرمين مقرر ڪيو آهي، ميڊِا سان ڳالهائيندي هن چيوته ارسا ڇيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ڪرائينداسين، تڪراري شخص جي ارسا چيئرمين مقرري برداشت نه ڪنداسين، سنڌ جي عوام سان ناانصافي برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تسلي بخش آهي، نگران دور ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي خراب ٿي، امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي اسان جي پهرين ترجيح آهي، مراد علي شاهه چيو ته اميد آهي ته نئون ناڻي وارو وزير ملڪ کي ڏکيائن مان ڪڍڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو، چيئرمين انٽر بورڊ نسيم ميمڻ جي معاملي کي ڏسي رهيو آهيان.