اسلام آباد(م ڊ) نجڪاري ۽ سيڙڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته آهي ته 15 کان 20 ادارن کي بنا دير خانگائڻ گهرجي، پاڪستان خساري ۾ هلندڙ ادارن جي وڌيڪ سٽ نٿو سهي سگهي، خميس تي پنهنجي بيان ۾هن چيوته خانگائڻ واري معاملي ۾ پي آءِ اي ايڊوانس اسٽيج آهي، جيڪي ادارا نقصان ۾ وڃي رهيا آهن انهن بابت ترت فيصلن جي ضروت آهي، اسٽيل ملز جي حوالي سان به جلد کان جلد فيصلو ڪرڻو پوندو.