سينيٽ ننڍي چونڊ: پيپلز پارٽي جا 4، ن ليگ ۽ جي يو آءِ جو هڪ هڪ سينيٽر چونڊجي ويو

اسلام آباد/ڪراچي (م ڊ+رپورٽر) سينيٽ جي 6 سيٽن تي ضمني چونڊن جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جا 4، جڏهن ته مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ هڪ هڪ سيٽ کٽي ورتي آهي. سينيٽ جي لاءِ بلوچستان اسيمبلي جا 3، سنڌ اسيمبلي جا 2 ۽ اسلام آباد جي هڪ سيٽ تي پولنگ ٿي، اسلام آباد، بلوچستان ۽ سنڌ مان سينيٽ جي سيٽن لاءِ ضمني چونڊ تي پولنگ جي شروعات صبح 9 وڳي ٿي جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهي. اسلام آباد جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو يوسف رضا گيلاني 204 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار الياس مهربان کي 88 ووٽ مليا. سينيٽ جي هڪ سيٽ جي لاءِ قومي اسيمبلي جي 301 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. قومي اسيمبلي جي 9 ميمبرن جا ووٽ رد قرار ڏنا ويا. سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي 2 سيٽن لاءِ گڏيل طور تي 124 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، بلوچستان مان سينيٽ جي ضمني چونڊ جي لاءِ 61 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار سيف الله ڌاريجو 58 ۽ اسلم ابڙو 57 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويا. بلوچستان اسيمبلي مان پيپلز پارٽي جو اميدوار ۽ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير مير عبدالقدوس بزنجو 23 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، مسلم ليگ(ن) جي مير دوستين ڊومڪي 17 ووٽ حاصل ڪيا، جي يو آءِ جو عبدالشڪور 16 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو.سنڌ مان سينيٽ جي خالي ٿيل ٻن جنرل سيٽن تي سنڌ اسيمبلي ۾ پولنگ ٿي، جنهن دوران پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ايم پي ايز ووٽنگ ۾ حصو ورتو، جڏهن ته  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 35 ميمبرن ۽ جماعت اسلامي جي هڪ ايم پي ايز چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪيو. صبح نائين وڳي کان شام چئين وڳي تائين ٿيل ووٽنگ جو وقت ختم ٿيڻ تي ڳڻپ  کانپوءِ ريٽرنگ آفيسر ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته اليڪشن دوران 161 ميمبرن مان ٽوٽل 124 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جن مان هڪ ووٽ خارج ڪيو ويو، نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي اميدوار سيف الله ڌاريجو 58 ووٽ ۽ اسلم ابڙو 57 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويا، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي ٻنهي اميدوارن کي چار چار ووٽ ملي سگهيا، ياد رهي ته سنڌ ۾ سنيٽ جون ٻئي جنرل سيٽون نثار احمد کهڙو ۽ ڄام مهتاب ڏهر جي عام چونڊن ۾ ايم پي اي چونڊجڻ بعد خالي ڪيون ويون هيون. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيف الله ڌاريجو ۽ اسلم ابڙو جي سينيٽر چونڊجڻ تي ٻنهي اميدوارن توڙي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري کي مبارڪون ڏنيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.