اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ ڪور ڪاميٽي اجلاس ۾ تڪرار سامهون اچي ويا، حامد رضا کوڙ ساريون شڪايتون ڪيون، لطيف کوسي، سلمان اڪرم راجا، شعيب شاهين، شير افضل مروت خلاف شڪايتون ڪيون، ڪيئي ڪور ڪيمٽي ميمبر اجلاس اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا، ذريعن موجب پي ٽي آءِ سني اتحاد ڪائونسل جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس خيبرپختونخواهه هائوس ۾ٿيو، اجلاس پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صاحبزاده حامد رضا، وڏو وزير امين گنڊاپور، عمر ايوب، شاهه فرمان، علي محمد خان، بابر اعواڻ، نياز الله نيازي سميت پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جا ٻيا ميمبر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، ڪور ڪميٽي ۾ سينيٽ لاءِ اميدوارن جي نالن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ٽن اهم نقطن تي ڳالهه ٿي، ڪور ڪميٽي کي عمران خان جي ليگل ٽيم ڪيسن تي بريفنگ ڏني، ڪور ڪميٽي گهر ڪئي ته عمران خان جا ڪيس بنا دير ختم ڪيا وڃن، اجلاس ۾ بشريٰ بي بي جي سيڪيروٽي تي خدشا ظاهر ڪيا ويا، جنهن تي ڪور ڪميٽي ان جي مذمت ڪئي آهي، اليڪشن جي حوالي سان ڪور ڪميٽي چيو ته پنجاب ۾ ري ڪائوٽنگ شروع ٿي وئي آهي، اسان جون کٽيل سيٽون هارايون پيون وڃن، ڪورڪميٽي لاڳاپيل عهيدارن کان ان حوالي سان نوٽيس وٺڻ جي اپيل به ڪئي، پي ٽي آءِ ڪورڪميٽي جي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان به مشاورت ڪئي وئي. علي امين گنڊاپور وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو.