نيپالي شهرين جو خيال آهي ته چونڊيل سياستدان ۽ حڪمران سندن مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ اقتدار ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا. ان ڪري هو ملڪ ۾ جمهوري نظام بدران بادشاهت جي بحالي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
16 سال اڳ نيپال ۾ ان وقت جي بادشاهه گيانندرا شاهه کي تخت تان لاھڻ ۽ جمهوريت جي قيام لاءِ زبردست مظاهرا ٿيا هئا.پر ھاڻي ھڪ ڀيرو ٻيھر کيس بحال ڪرڻ جي لاءِ احتجاج جو سلسلو شرو ع ٿي ويو آھي.
هماليه جي پھاڙن ۾ واقع رياست نيپال جي راڄڌاني ۾مظاهرو ڪندڙ گيانندرا شاهه کي بادشاهه جي حيثيت سان بحال ڪرڻ ۽ ھندو مذهب کي رياستي مذھب طور واپس آڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. شاهه جا حامي گروپس ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين تي ڪرپشن ۽ حڪومتي ناڪامي جا الزام مڙهي رهيا آهن. سندس چوڻ آهي ته عوام سياستدانن مان مايوس آهي. گذريل مهيني کٽمنڊو ۾ هڪ ريلي ۾ "بادشاهه واپس اچ ۽ ملڪ بچاءِ، اسان جا پيارو بادشاهه زنده باد“ جا نعرا هنيا ويا.
موجوده نظام ۾وڌندڙ مايوسي سبب تبديليءَ ۽ بادشاهت جي حامين جي ريلين ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.ماڻهو گهرن ۽ دڪانن تي اڳوڻي بادشاهن ۽ انهن جي ابن ڏاڏن جون تصويرون لڳائي رهيا آهن. گيانندرا 2005 تائين ايگزيڪيوٽو يا سياسي طاقتن کان سواءِ ملڪ جو آئيني سربراهه هو، پر مڪمل اقتدار سنڀالڻ بعد ھن حڪومت ۽ پارليامينٽ کي ٽوڙي ڇڏيو ھو.جنھن بعد هن سياستدانن ۽ صحافين کي جيلن ۾ وڌو ۽ مواصلاتي نظام کي ختم ڪري ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي. گيانندرا شاھ ملڪ تي حڪمراني لاءِ فوج کي استعمال ڪيو ھو.
2006ع ۾ هزارين مظاهرو ڪندڙن گيانندرا شاھ کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ 2006ع ۾ اقتدار پارليامينٽ جي حوالي ڪيو ويو۽ ٻن سالن بعد پارليامينٽ بادشاهت کي ختم ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏنو ۽ گيانندرا شاهي محل ڇڏي ڏنو ۽ عام ماڻهو جي زندگيءِ گذارڻ لڳو ھو.
پر هاڻي ڪيترائي نيپالي شهري جمهوري نظام کان مايوس نظر اچن ٿا. سندس چوڻ آهي ته هي نظام سياسي استحڪام آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. نيپال جا ماڻهو جمهوري حڪومت تي ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ڪرپشن جو الزام لڳائي رهيا آهن. نيپال ۾ 28 مئي 2008 تي بادشاهت جي خاتمي کان وٺي 13 حڪومتون قائم ٿي چڪيون آهن. ڪيترن ئي نيپالين جو خيال آهي ته چونڊيل سياستدان سندن مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ اقتدار ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا. کٽمنڊو جي هڪ تجزيه نگار ڌروبا هري اڌيڪار جو چوڻ آهي ته انهن حالتن سبب ماڻهن سوچڻ شروع ڪيو آهي ته شايد بادشاهت ئي ھنن لاءِ بهتر نظام آهي. پر اها تحريڪ ايتري ننڍي آهي جو ڪنهن به وقت ختم ٿي سگهي ٿي.
پارٽي جي ڊپٽي چيئرمين رابندر مشرا جو چوڻ آهي ته ”منهنجو خيال آهي ته اھو ھن وقت ممڪن آهي ڇو ته ملڪ ۾ ان ايجنڊا لاءِ حالتون اڳ ڪڏهن به سازگار نه هيون“ ھن جو وڌيڪ چوڻ ھوتھ جيڪڏهن اهو نظام بحال نه ٿي سگهيو ته هن ملڪ ۾ نوجوانن جو ڪو مستقبل نه هوندو. ملڪ جو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو“. اڳوڻي نيپالي بادشاھ گيانندرا خود تحريڪ تي تبصرو نه ڪيو آهي.پنھنجي تخت تان لھڻ بعد هو سياست کان پري آهي ۽ مشڪل سان ئي ڪنهن عوامي جڳهھ تي نظر اچي ٿو.
نيپالي بادشاهت ۾ 1990 تائين سياسي جماعت جوڙڻ جي اجازت نه هئي، جمهوريت نواز تحريڪ چونڊون ڪرايون ۽ بادشاهت کي هڪ رسمي ڪردار تائين محدود ڪري ڇڏيو. گيانندرا 2001 ۾ اقتدار ۾ آيو جڏهن سندس وڏو ڀاءُ بادشاهه بيرندرا ۽ سندس خاندان کي شاهي محل ۾ قتل ڪيو ويو.
ياد رهي ته نيپال ۾ ماڻهو بادشاهه کي ديوتا مڃين ٿا ۽ ان جي پوڄا ڪن ٿا، پر ھي بادشاهه گيانندرا عوام ۾ ايترو مقبول ناهي، شايد ان ڪري جو هو عوامي حڪومت جي حق ۾ نه رهيو آهي. ھن ننڍڙي ملڪ جي خوبي ھي آھي تھ آبادي گھٽ ھئڻ ڪري سموري ملڪ جي عوام جي جان،مال ۽ عزت جو تحفظ بادشاھ جي ذمي ھوندو آھي،جنھن کي بادشاھ بھتر نموني نڀائيندو رھيو آھي.