خط جي متن سان اداري جو متفق هئڻ ضروري ناهي

تحرير: سھراب خانزاده ھريپور، ٺاروشاھ

ساهتي پرڳڻي جي اسڪول جي پارت اٿوَ

افسوس جو مادر چندر، ٺاروشاھ، ساھتي پرڳڻي جي علمي آڪاش جو ستارو ھئڻ باوجود لاڳاپيل ڪامورن جي عدم دلچسپي سبب جھالت جي جھنم جي راھ ڏانهن گامزن آھي جنهن جو زنده داستان شھر جي ٻئين وڏي درسگاھ گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اينڊ لوئرسيڪنڊري اسڪول ھريپورمحلا ٺاروشاھ ضلع نوشھروفيروز جي اجڙندڙ حالت آهي. ھن درسگاھ گذريل چئن ڏھاڪن کان بدستور ڪيترن ئي علم جي آبيارن کي علمي ساڃاھ سان سينگاريو آهي پر اڄ ان جي عمارت پنهنجي بقا جي جنگ ۾ ورتل آهي. البته ھن اداري جي انسان دوست انتظاميه ۽ آدرشي استاد صاحبان پنهنجي مدد پاڻ تحت اداري جي سونهن جي بقا خاطر رات ڏينهن ڪوشان آهن جنهن جو زنده جاويد ثبوت اتي موجود وائيٽ بورڊ، سولر سسٽم، ويجهڙائي ۾ خريد ڪيل سولر فين، مستحق شاگردن ۾ ورھايل تدريسي مواد ۽ گذريل ڊسمبر ۾ منعقد ٿيل مڊٽرم امتحان آهن. پر افسوس سندن اھي سڀ ڪاوشون، جيڪي سندن تعليم پرستي ۽ انسان دوستي جو ھڪ لازوال داستان عڪسبند ڪن ٿيون، عمارت جي ڏينهون ڏينهن بگڙجندڙ حالت سبب پنهنجي وقت کان اڳ مرجھائجي پيون وڃن

درحقيقت ھن  اسڪول ۾ مجموعي طور تي 9 ڪلاس روم آهن پر عمارت ڪل 6 ڪمرن تي ٻڌل ھئڻ ڪري ھر ڪمري جا ٻه حصا ڪري تدريسي عمل کي جاري رکيو ويو آهي تنھنڪري ڪلاس اڪثر ڳتيل رھن ٿا. پر تازين برساتن ۽ مسلسل محروميت سبب عمارت جي ٽن ڪمرن جي ڇت خسته حال ٿي چڪي آهي جن مان اڪثر ڇتين مان چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد توڙي استاد خوف و هراس جي عالم ۾ آهن. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن پھريان پنجين درجي جي ننڍڙي شاگردياڻي مسڪان سنڌو مٿي ۾ چاپڙ لڳڻ جي ڪري سخت زخمي ٿي چڪي آهي. ان سان گڏوگڏ واش رومن مان ڪرندڙ چاپڙن ۽  سمندڙ ڇتين جي حالت پڻ ساڳئي منظر جي علامت بڻجي چڪي آهي.

البته اداري جي انتظاميه بالااختيارين کي وقتن بووقتن حقيقتن کان آگاھ رکيو آهي پر اڃا تائين ڪنهن به  شخصيت يا لاڳاپيل اختيارين اداري جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو آھي.  درحقيقت ھن اداري جي اوسر ۾ تاريخي لحاظ کان سرڪاري عملدارن بدران سماج سڌارڪ شخصيتين جو گهڻو ڪردار رھيو آهي جن ۾ ڪرنل شفيع احمد شيخ صاحب جن جو نالو سرفھرست  ملندو جن سن 1982ع اسڪول جي بنياد رکڻ لاءِ پلاٽ جو عطيو ڏنو ۽ 2 ڪمرن تي ٻڌل عمارت جوڙائي، ان کانپوءِ سندن فرزند ايڊووڪيٽ جاويد شفيع شيخ اداري جي وڌندڙ گهرجن کي مدنظر رکندي سن 2005ع ۾اداري کي وڌيڪ ٻن ويسن جي توسيع بخشي. ان کان علاوه اسڪول جي ڇھن ئي ڪمرن جي جوڙجڪ ۾ شھر جي سماج سڌارڪن جو ڪنهن نه ڪنهن طريقي نمايان ڪردار نظر اچي ٿو پر حڪومتي عملدارن جي لاڳيتي عدم دلچسپي سبب ھي ادارو ڪيترين ئي مشڪلاتن جي ور چڙهي ويو آهي  جن ۾ نون ڪمرن جي کوٽ، پراڻي عمارت جي مسمار حالت، واش رومس جي بگڙجندڙ حالت،  بجلي ۽ سولر جي سھولتن جو ناياب ھئڻ وغيره شامل آهن.

البته سال 2009ع ۾ ھن اداري کي لوئر  سيڪنڊري  اسڪول جو درجو ڏئي ويجهڙائي  ۾ ان ۾ اٺاويھه مرد و عورت، استاد جو عملو ته مقرر ڪيو ويو پر اسڪول کي عمارتي وسعت، سائنسي وتدريسي مواد ۽ لائبرري جي سھولتن کان وانجهيل رکيو ويو آهي.

البته اداري جي انتظاميه وابسته ارباب اختيارين کي جاڳائڻ جون ڪافي ڪوششون ڪري چڪي آهي پر افسوس اداري جي بقا جي لاءِ اھي پڪارون بي لاڀ ثابت ٿيون آهن. انهي لاءِ اعليٰ اختيارين کي التجا ٿي ڪئي وڃي ته خدارا ھن اسڪول جي جياپي لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.