وزيراعظم شهباز شريف تڪراري فيصلن ۾ ايڏي تڪڙ ڇو ٿو ڪري!

رپورٽون آهن ته وزيراعظم شهباز شريف جنهن ٽيون ڏينهن ارسا جي تڪراري چيئرمين ڪالا باغ ڊيم جي حامي رٽائرڊ ڪاموري ظفر محمود جي مقرري جي منظوري ڏني هئي تنهن جي تقرري واري فيصلي کي سنڌ حڪومت جي شديد اعتراضن ۽ خدشن جي ردعمل ۾ واپس وٺي ڇڏيو آهي جنهن جي اسان آجيان ڪريون ٿا. ان فيصلي خلاف سنڌ جي قومپرست جماعتن ۾ پڻ شديد ڪاوڙ ۽ احتجاج جو ردعمل ظاهر ٿيڻ لڳو هو.

ظفر محمود کي نگران حڪومت آخري ڪابينا اجلاس دوران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري چيئرمين مقرر ڪيو هو. جڏهن ته ان کان اڳ قانون ارسا ۾ مقرر چئني صوبن توڙي وفاق جي ميمبرن مان ئي ترتيب وار ارسا جو چيئرمين مقرر ٿيندو هو پر وزيراعظم سيڪريٽريٽ پاران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني جي صحيح سان جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو هو ته وزيراعظم شهباز شريف 22 هين گريڊ جي رٽائرڊ ڪاموري ظفر محمود کي ارسا ۾ چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

هن نئين چونڊيل حڪومت جنهن جي جوڙجڪ ۾ سنڌ جي نمائندا اقتداري سياسي جماعت پ پ جو حصو هجي تنهن مان اها اميد نه هئي ته اها ڪالا باغ ڊيم جي تمام وڏي حامي ۽ تڪراري رٽائرڊ شخص کي ان بيحد اهم منصب تي مقرر ڪري، اچڻ شرط پنجاب ۽ سنڌ ۾ تڪراري ۽ اختلافي ماحول ٺاهيندي. ظفر محمود وڏي عرصي کان مختلف اخبارن ۾ ان ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ مضمون لکندو رهيو آهي جنهن کي سواءِ پنجاب جي ملڪ جي باقي ٽن صوبن مڪمل طور تي رد ڪيو آهي. ٽنهي صوبن جي اسيمبلين جا ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ ٺهراءَ به موجود آهن. پر اهو سٺو ٿيو جو سنڌ حڪومت اهڙي فيصلي کي بنا وقت ضايع ڪرڻ جي رد ڪندي اهو موقف رکيو ته اها ارسا ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري ان مقرري کي غيرقانوني ڄاڻايو هو ڇاڪاڻ ته ارسا ايڪٽ موجب ارسا ۾ چئن ئي صوبن يا وفاق جو ميمبر ئي چيئرمين ٿي سگهي ٿو ڪو ٻاهريون ماڻهو نٿو ٿي سگهي. سو صوبائي وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم فوري طور تي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي. هوڏانهن ارسا چيئرمين جي مقرري واري معاملي تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ نويد قمر پڻ احتجاج ڪيو هو. هن چيو هو ته نگران حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ تڪراري ترميم ڪئي آهي جيڪا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ صوبن جي مرضي کانسواءِ ڪئي وئي آهي. پاڪستان هڪ وفاق آهي، وفاق صوبن سان گڏجي ڪم ڪري. هن چيو ته افسوس ته موجوده حڪومت پهريون ئي فيصلو صوبن جي خلاف ڪيو آهي، سي سي آءِ جا اختيار استعمال ڪيا ويا آهن اسان ون يونٽ واري دور ۾ واپسي نٿا چاهيون. ان موقعي تي پ پ جي ميمبرن شيم شيم جا نعرا پڻ هنيا.

اها تمام سرهائي ۽ اطمنيان جي ڳالهه آهي ته پ پ ان مقرري جي مخالفت ڪري سنڌ جي نمائندگي ڪئي پر هتي ان حوالي سان ڪيترائي شڪ شبا پيدا ٿين ٿا ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت يا وزيراعظم شهباز شريف اتحادي جماعتن خاص ڪري پ پ کي ان مقرري بابت اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته واقعي به پوءِ ان کي غير سنجيده عمل سمجهيو ويندو شهباز شريف جي ان فيصلي سان پ پ  جي ساک کي وڌيڪ ڌڪ رسيو آهي. سنڌ ۾ عام تاثر اِهو هوندو آهي ته پ پ اقتدار لاءِ سنڌ دشمن فيصلن ۾ سهولت ڪاري جو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. چوڻ وارا ته ائين به چون ٿا ته ظاهري طور تي پ پ ارسا جي تڪراري چيئرمين جي مخالفت ڪري ٿي پر اندروني طور ممڪن آهي ته حڪومت سان مليل هجي. جيڪڏهن پ پ واقعي به ارسا جي نئين چيئرمين جي مقرري جي خلاف هوندي ته آصف زرداري جي صدر هوندي مسلم ليگ (ن) يا شهباز شريف پاڻمرادو اهو فيصلو نه ڪري سگهندو ۽ وقت اهو ئي ثابت ڪيو ۽ وزيراعظم ارسا جي چيئرمين جي مقرري بابت سنڌ جي اٿاريل اعتراضن ۽ خدشن جو نوٽيس وٺندي نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ رپورٽون آهن ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ رابطو به ٿيو هو. هاڻي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته واقعي به اهو شهباز شريف جو انفرادي فيصلو هو جيڪو انتهائي غير ذميواراڻو هو. اها به افسوس جي ڳالهه آهي ته ارسا ۾ هڪ تڪراري شخص جي مقرري جيڪا نگران حڪومت ڪئي هئي تنهن جي منظوري واري خبر درياهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منظرعام تي آئي هئي.اسان سمجهون ٿا ته مسلم ليگ (ن) کي فيصلي سازي ۾ هڪ تجربيڪار حڪومت وارو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. ان نوعيت جا فوري ۽ تڪراري فيصلا ڪري ۽ وري واپس وٺڻ هڪ تجربيڪار حڪومت کي زيب نٿو ڏي. شهباز شريف جي ان تڪراري فيصلي ان راءِ کي سچو ثابت ڪيو آهي ته هيءَ اتحادي حڪومت گهڻو وقت گڏ نه هلي سگهندي. اهڙا فيصلا لڳي ٿو ته اڃان اچڻا آهن جن تي اتحادي جماعتن جو نظرياتي اختلاف ايندو.

اسان کي حيرت آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي پاڻ ڇو نه اندازو ٿيو ته هو هڪ تڪراري شخص کي غير آئيني طور ارسا جو چيئرمين بڻائي رهيو آهي. ان کي اهڙو فيصلو ڪندي سنڌ ۽ خاص ڪري پ پ جي حوالي سان ڪنهن اعتراض جو ڇو نه اندازو ٿيو. بهرحال وزيراعظم شهباز شريف کي ان غلطي مان سکڻو پوندو ۽ ڪوشش ڪرڻي پوندس ته اتحادي حڪومت هئڻ ناتي خاص ڪري تڪراري فيصلن ۾ اٻهرائپ جو مظاهرو ڪرڻ کان پاسو ڪري. اهڙن فيصلن کان به پاسو ڪري جنهن سان حڪومت اندر ڏار پئجي وڃن ۽ حڪومت واقعي به تجزئي نگارن جي اڳڪٿي موجب ٻن اڍائي سالن اندر ئي نه گهر ڀيڙو ٿي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.