ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلش معيار مان تاجر کي اغوا ڪندڙ ٽيم سي ٽي ڊي گارڊن رفاقت شاهه جي نڪتي، اغوا ۾ اي ايس آءِ لياقت ، اي ايس آءِ جهانزيب هيڊ ڪانسٽيبل رائو شامل آهن، تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي گلشن معمار جا تاجر جي اغوا جو راز کلي ويو، رفاقت شاهه سي ٽي ڊي گارڊن ٽيرر فنڊنگ جو انچارج آهي، واپاري جي اغوا ۾ اي ايس آءِ لياقت ۽ اي ايس آءِ جهانزيب، هيڊ ڪانسٽيبل رائو شامل آهن، سي ٽي ڊي ٽيم هن کان اڳ ٻين ڪيترن ئي شهرين جي اغوا ۾ ملوث آهي، ڄاڻايل ٽيم واپاري عباس کي گهر ٻاهران اغوا ڪيو ۽ مٿس تشدد ڪيو، واپاري عباس آءِ جي سنڌ کي لکت ۾ شڪايت ڪئي، جنهن تي ايس ايس پي انويسٽيگيشن فدا شاهه جي به انڪوائري جا آرڊر ڏنا آهن، ذريعن ٻڌايو ته امڪان آهي ته سي ٽي ڊي پاڻ کي بچائڻ لاءِ واپاري تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ورتا.