پيپلزپارٽي جو آصفه ڀٽو کي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺرائڻ جو فيصلو

ڪراچي(م ڊ)پاڪستان پيپلزپارٽي بي بي آصفه  ڀٽو زرداري کي ضمني اليڪشن وڙهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ذريعن مطابق صدر آصف علي زرداري جي ننڍي ڌيءُ آصفه  ڀٽو قومي اسيمبلي لاءِ  ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺندي، هوءَ آصف علي زرداري جي خالي ڪيل سيٽ تي اميدوار هوندي، آصفه ڀٽو اين اي 207 شهيد بينظير آباد مان اليڪشن وڙهندي، هيءَ تڪ شهيد بينظير آباد زرداري خاندان جي اباڻي سيٽ آهي، هن تڪ تان صدر آضف علي زرداري لاڳاتار 2 ڀيرا اليڪشن کٽي چڪو آهي، آصفه ڀٽو لاءِ تڪ چونڊ جو فيصلو فيملي مشاورت سان ٿيو آهي، جڏهن ته فيملي آصفه ڀٽو جي ضمني اليڪشن وڙهڻ جي گڏيل حمايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.