ڪيٽي بندر(رپورٽ: الياس سمون) کاروڇاڻ ويجهو سمنڊ مان ماهيگيرن کي شڪار دوران 300 کان وڌيڪ ڪروڙين روپين جي ماليت جا سوها مڇي جا داڻا هٿ اچي ويا. ماهيگير هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا، کاروڇاڻ جو رهواسي ناکو حنيف ڪاتيار دعا نالي هوڙي ۾ سوار ٿي سمنڊ جي واڙي ڪريڪ وٽ شڪار ڪري رهيو هو ته مٿس قسمت مهربان ٿي ۽ سوها مڇي هٿ اچڻ بعد سندس ڀاڳ کلي پيا، سندس رڇ ۾ 300 کان وڌيڪ قيمتي ناياب سوها مڇي ڦاسي پئي. مقامي ماھيگيرن پاران ناکو حنيف ڪاتيار کي مليل سوها مڇي جي ماليت مارڪيٽ ۾ ڪروڙين روپيا ٻڌائي پئي وڃي، ياد رھي ته ھر سال ڪيٽي بندر ويجھو سمنڊ ۾ ڪروڙين رپين جي سوها مڇي ماھيگيرن جي ڄار ۾ ڦاسي پوندي آھي جن کي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري رات وچ ۾ ماھيگير ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي وڃن ٿا، هن ڀيري حنيف ڪاتيار مٿان قسمت مهربان ٿي پئي آهي. اهڙي قيمتي مڇي ملڻ کانپوءِ ماهيگيرن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي، واضح رهي ته سوها مڇي جو ڦوٽو اندروني انسان جي آپريشن دوران ٽانڪن هڻڻ جي ڪم ايندو آهي تنهن ڪري ميڊيڪل جي دنيا ۾ ان مڇي کي وڏي اهميت حاصل آهي.