سي پيڪ جي ٻئين مرحلي طرف وڌڻ لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

بيجنگ(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهي، بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو  غربت جي خاتمي ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ آهي. چيني ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏيل ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي اڳتي وڌندا، پاڪستان کي چيني ماڊل جي تقليد ڪرڻ گهرجي، جيڪو وڏي ڪاميابي جو ماڊل آهي. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جو مقصد ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ زراعت کي فروغ ڏيڻ آهي.هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل سرخ ڦيٿي کي ختم ڪندي، منصوبن ۾ دير ۽ ٻين مسئلن کي ختم ڪندي، پاڪستان ٽيڪسٽائيل ۽ اسٽيل جهڙن شعبن ۾ چين جي گڏيل منصوبن جو منتظر آهي، پاڪستان ۽ چين گڏيل ترقي، خوشحالي ۽ بهتري جي راهه تي هلندڙ آهن. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جو مقصد ٽيڪنالاجي ترقي ۽ زراعت کي هٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.