گورنر سنڌ جنسي هراساني ۾ ملوث انٽر بورڊ جي چيئرمين جي سزا بحال ڪري ڇڏي

ڪراچي( م ڊ) گورنر سنڌ جنسي هراساني ۾ ملوث انٽر بورڊ جي چيئرمين جي سزا خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي، گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري  لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نسيم ميمڻ کي هراسميٽ ڪيس ۾ سزا بحال ڪري ڇڏي آهي، ترجمان موجب نسيم ميمڻ فيصلي خلاف گورنر سنڌ کي معافي جي اپيل ڪئي هئي، گورنر سنڌ سزا برقرار رکندي معاملي جي  انڪوائري جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته گورنر طرفان سزا بحالي باوجود چيئرمين انٽر بورڊ نسيم ميمڻ ڪم ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته صوبائي محتسب اعليٰ عورت استاد کي حراسا ڪرڻ جي الزام هيٺ نسيم ميمڻ کي برطرفي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي ۽ صوبائي محستب اعليٰ جي فيصلي تي نگران وڏي وزير نسيم ميمڻ کي لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين شپ تان هٽائي ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.