پي ٽي آءِ جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس وٺرائڻ چاهي ٿي: عطا تارڙ

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ملڪ جي معيشيت کي سنڀالڻ جي  صلاحيت رکي ٿو، ڪجهه سياسي عنصر معيشيت کي نقصان پهچائڻ چاهن ٿا، پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ ڪجهه عنصر ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن، تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف کي خط لکي ڪريل حرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ جي ترجمانن کي جيل مان ملڪ کي نقصان پهچائڻ جون هدايتون ملي رهيون آهن، معيشيت جي بهتري لاءِ وزيراعظم ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته بلومبرگ ۾ وزيراعظم جي حوالي سان چيو ويو آهي ته کيس عالمي مالياتي ادارن سان ڊيل ڪرڻ جو سٺو تجربو آهي، ڪجهه عنصر پنهنجي سياست خاطر رياست کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن  چيو ته وزيراعظم روزانو 3 کان 4 اجلاس رڳو معيشيت جي بحالي لاءِ ڪندو آهي، هڪ سياسي پارٽي کي پنهنجي ذات کان اڳتي ڪجهه نظر نٿو اچي، کين معيشيت جي بحالي ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. عطا تارڙ چيو ته يورپي يونين سان رابطو ڪري رهيا آهن، پاڪستان کان جي ايس پي پلس وٺندا، اسٽيٽس آهي ته رپيو مستحڪم ٿيندو، هو چاهن ٿا ته رپيو پاڪستان ۾ مستحڪم نه ٿئي، ايڪسپورٽ نه ٿيڻ گهرجي، صنعت بند ٿيڻ گهرجي، هي مطالبو تحريڪ انصاف طرفان ڇو ڪيو پيو وڃي؟.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ملاقاتن تي پابندي رڳو اڊيالا جيل ۾ ناهي لڳائي وئي، اڊيالا، ميانوالي ۽ ڊيرا غازي خان جيلن جي آڊٽ ڪئي پئي وڃي،  ايتري ڳالهه تي يورپي يونين کي چيو ويو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس وٺو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.