حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميونسپل آفيسرن جي ڀرتين ۾ مبينا طور تي ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجا نوازي خلاف پٽيشنر اميدوارن جي وڪيل سجاد احمد چانڊئي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ميونسپل آفيسرن جي ڀرتين خلاف داخل درخواستن تي عدالت جو آيل فيصلو ٿورو مبهم آهي، فيصلي ۾ تسليم ڪيو ويو آهي ته ميرٽ جي لتاڙ ٿي آهي ۽ سياسي اثر رسوخ به استعمال ٿيو آهي، عدالت جي سامهون ڪيتريون ئي اهم شاهديون ۽ ثبوت موجود هئا، ان ڪري عدالت کي ان معاملي تي گهٽ ۾ گهٽ ۾ ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته جيئن ته آئون فري آف ڪاسٽ متاثر اميدوارن جو ڪيس وڙهي رهيو هوس منهنجو صرف اهو ئي مقصد هو ته ميرٽ جي بنياد تي ادارو هلي، سياسي بنيادن تي وڏيرن، سردارن ۽ حڪمرانن جا مٽ مائٽ ۽ گهر جا ڀاتي ڀرتي نه ٿين، مايوس نوجوانن سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي هاڻوڪي فيصلي کانپوءِ جيڪڏهن متاثر اميدوار سپريم ڪورٽ ويا ته سپريم ڪورٽ مان کين وڏو رليف ملي سگهي ٿو، ڇو ته هاءِ ڪورٽ جي هن فيصلي ۾ ئي گهڻيون ڳالهيون متاثر اميدوارن جي حق ۾ ويون آهن، عدالت جون ڪجهه آبزرويشن تمام اهم آهن، جڏهن ته پبلڪ سروس ڪميشن جي حوالي سان اڳ ئي سپريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو آيل آهي، سپريم ڪورٽ پنهنجي ڪيل پراڻي فيصلي جي بنياد تي به متاثر اميدوارن کي رليف ڏئي سگهي ٿي.