وزيراعظم وفاقي خرچ گهٽائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ)وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي پلاننگ ڪميشن جو چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين هوندو ۽ ڪميٽي 7 ميمبرن تي مشتمل هوندي، جنهن ۾ سيڪريٽري ڪيبينيٽ ڊويزن، سيڪريٽري  فنانس ڊويزن، سيڪريٽري آءِ اينڊ پي، ڊاڪٽر قيصر بنگالي، ڊاڪٽر فرخ سليم ۽ ٻيا شامل هوندا. ڊاڪٽر محمد نويد افتخار کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪابينا ڊويزن ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽي جو مقصد ادارتي سڌارا ۽ وفاقي حڪومت جو حجم گهٽائڻ هوندو.  ڪميٽي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ ٽي آر اوز طئي ڪندي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ ايڪشن پلان پيش ڪندي جڏهن ته ڪميٽي فنانس ڊويزن جي قومي سادگي جي رپورٽ جو به جائزو وٺندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.