حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت، ميونسپل آفيسرن جي ڀرتين ۾ مبينا طور تي ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجا نوازي خلاف داخل مختلف درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي درخواست گذارن کي ڄاڻايل معاملي خلاف پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪميٽي ۾ اپيل داخل ڪرائڻ ۽ ڪميٽي جي سربراهه کي 45 ڏينهن دوران سندن فيصلا ويب سائيٽ ۽ ڄاڻايل ايڊريس تي اماڻڻ جو حڪم ڏيندي درخواستون اڪلائي ڇڏيون. عدالت جاري ڪيل تفصيلي فيصلي ۾ ايس پي ايس سي جي ميمبر رضوان ميمڻ مٿان لڳل الزامن تي ڪميٽي قائم ڪري جاچ ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪميٽي جي ميمبر رضوان ميمڻ تي سنگين الزام آهن جنهن خلاف جاچ ڪميٽي جوڙي رپورٽ 2 مهينن ۾ جمع ڪرائي وڃي.عدالت فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته اميدوارن کي اپيل جو حق آهي، ان لاءِ هو ايس پي ايس سي جي ريڪروٽمينٽ مئنجمينٽ ريگيوليشنز 2023ع جي سيڪشن 161 تحت اپيل داخل ڪرائي سگهن ٿا ۽ داخل اپيلن تي ڪميٽي جو سربراهه ايس پي ايس سي جو چيئرمين 45 ڏينهن دوران فيصلا جاري ڪندو. شهيد بينظير آباد، عمرڪوٽ، نوشهروفيروز سميت مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ 30 اميدوارن پنهنجن وڪيلن معرفت ڌار ڌار پٽيشنز داخل ڪرايون هيون. پٽيشنز تي گڏيل طور 21 ۽ 22 فيبروري تي جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو جاري ڪندي چيو ويو آهي ته اسان سيڪريٽري ايس پي ايس ايس کان پڇاڻو ڪيو هو ته ڇا اميدوارن جو تعلق سياسي اڳواڻن سان آهي، جنهن تي هن ڪا به وضاحت نه ڏني، جڏهن ته ڪميٽيز وٽ اميدوارن کان ورتل انٽرويوز جي آڊيو يا وڊيو رڪارڊنگ جي موجودگي بابت به پڇيل سوال ۾ پڻ هن پنهنجو ڪو جواب نه ڏنو. عدالت، ايس پي ايس سي جي مڪينزم تي پٽيشنرن جي اٿاريل سوالن کي اهميت ڏيندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ٻيهر پابند بڻايو آهي ته ايندڙ سمورن امتحانن دوران نئون مڪينزم جوڙي اميدوارن کان ورتل انٽرويوز جي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪري ٽن سالن تائين اداري ۾ محفوظ بڻائي وڃي، جڏهن ته اميدوارن جون تصويرون پڻ ڪڍيون وڃن، اهو سمورو رڪارڊ ٽن سالن تائين محفوظ هجڻ گهرجي ٻي صورت ۾ چيئرمين ۽ سيڪريٽري خلاف محڪماڻي ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويندو. عدالت فيصلي ۾ نوٽ لکيا ته اسان ڏکاري دل سان اهو رڪارڊ ڪرڻ تي مجبور آهيون ته جن ادارن ۾ ميرٽ هجڻ گهرجي ۽ اهي غير سياسي هجن، پر انهن ادارن کي سياسي سببن جي ڪري آلوده ڪيو پيو وڃي، ڪنهن به اهڙي ميمبر کي انٽرويو واري پينل ۾ شامل نه ڪيو وڃي. جيڪو امتحان ڏيندڙ اميدوار جو مائٽ هجي. اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ وقت ميرٽ کي مڪمل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. عدالت اميدوارن جي لکت، زباني امتحان جو نتيجو اميدوار جي مارڪن، نالي ۽ پيءُ جي نالي سان ويب سائيٽ تي جاري ڪيو وڃي. ياد رهي ته سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ اميدوار پنهنجن وڪيلن معرفت درخواستن ۾ ڄاڻايو هو ته هنن لکت وارو امتحان پاس ڪيو پر کين زباني انٽرويوز ۾ فيل ڄاڻائي ملازمتون من پسند ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ اميدوارن کي ڏنيون ويون آهن. سندن وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي هئي ته ميونسپل عملدارن جي ڀرتين دوران لاڳاپيل عدالتن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ بدران ميرٽ جي لتاڙ ڪري اهل اميدوارن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، ان ڪري ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏيندي نيب ۽ ٻين ادارن کان جاچ ڪرائي وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو 23 ڏينهن بعد جاري ڪندي اميدوارن کي لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندن درخواستون اڪلائي ڇڏيون آهن.