اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت کي پهريان پنهنجو گهر درست ڪرڻ گهرجي، دوست ملڪن کان قرض وٺي رولنگ اوور جو فارمولو هاڻي نه هلندو. ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ جلد گهٽتائي جي اميد ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جو عزم ظاهر ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت کي پهريان پنهنجو گهر درست ڪرڻ گهرجي، دوست ملڪن کان قرض وٺڻ ۽ انهن کي رول اوور ڪرڻ وارو فارمولو هاڻي ڪم نه ڪندو، دوست ملڪن چيو آهي ته مدد چاهيون ٿا پر سيڙپڪاري ذريعي امداد جي صورت ۾ نه. محمد اورنگزيب چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي، بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين کي به خانگي شعبي ۾ ورتو ويندو. هن چيو ته ايف بي آر کي ڊيجيٽلائيزيشن ڪرڻي پوندي ته جيئن روينيو جي چوري کي روڪي سگهجي. محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽئڪس نظام ۾ شفافيت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ اسان قومي آمدني ۾ ٽئڪسن جو حصو 10 سيڪڙو تائين پهچائڻ چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف کان وڏو ۽ ڊگهي مدت وارو پروگرام وٺڻ چاهيون ٿا، پاڪستان پنهنجي ڪوٽا جي حساب سان وڏو پروگرام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو. هن چيو ته معيشت جي بهتري آءِ ايم ايف کان وڌيڪ اسان حڪومت جو هدف آهي، وزيراعظم شهباز شريف معيشت جي بهتري لاءِ واضح موقف رکي ٿو، وزيراعظم معاشي نظم ۽ ضبط قائم رکڻ جي سخت هدايت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف وٽان موجوده قرض پروگرام جي آخري قسط ۾ ڪا به رنڊڪ نه آهي، آءِ ايم ايف کي موجودا قرض پروگرام جي آخري قسط ۾ 1.1 ارب ڊالر ڏيڻا آهن. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام جو شروعاتي خاڪو تيار ڪري رهيا آهيون هوڏانهن پاڪستان آءِ ايم ايف کان آخري قسط لاءِ سمورا هدف پورا ڪري ورتا. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي وفد سان ڳالهيون 14 کان 18 مارچ تائين شيڊيول آهن ۽ پاڪستان اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت آخري قسط ملڻ جا سمورا هدف پورا ڪري ورتا آهن. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويو ته وفد هڪ ڏهائي هڪ ڊالرز جي قست جاري ڪرڻ جي سفارش ڪندو ۽ سفارشن جي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ وٽان منظوري ملڻ کانپوءِ قسط جاري ڪئي ويندي. ٻئي پاسي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي پاڪستان آءِ ايم ايف کان وڏو ۽ ڊگهي مدي وارو پروگرام وٺڻ جو خواهشمند آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف کان وڏو ۽ طويل مدت وارو پروگرام وٺڻ چاهيون ٿا، پاڪستان پنهنجي ڪوٽا جي حساب سان وڏو پروگرام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو.