وزيراعظم سان ڪي پي جي وڏي وزير جي ملاقات، هاڻ عوامي مسئلن تي ڳالهه ٿيندي

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل خيبر پختونخوا جي وڏي وزير اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز سان ملاقات ڪئي آهي. ان حوالي سان مليل معلومات موجب ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وزيراعظم شهباز  شريف سان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امير مقام ۽ احسن اقبال به موجود هئا. ملاقات ۾ صوبي جي فنڊن، سياسي قيدين، عمران سان ملاقات ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وزيراعظم هائوس ۾ شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم کيس مختلف معاملن تي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو آهي. ان موقعي تي مسلم ليگ ن اڳواڻ امير مقام ۽ احسن اقبال پڻ موجود هئا. علي امين چيو ته هاڻي حڪومتون ٺهي چڪيون آهن، هاڻي عوام جا مسئلا ٻڌا پيا وڃن. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي مسئلن خاص طور تي امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات مثبت هئي. شهباز شريف پنهنجي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان (وفاق) خيبرپختونخواهه سان ڪيل واعدو پورو ڪنداسين. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته اسان پاڪستان جي معاشي مسئلن کان به واقف آهيون ۽ وفاق کان ڪو به اهڙو مطالبو نه ڪنداسين جيڪو پورو نه ٿي سگهي. پر اسان وٽ عوام جو مينڊيٽ آهي ۽ ان تحت عوام کي اسان مان اميدون آهن جن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ان موقعي تي احسن اقبال جو چوڻ هو ته ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف به انهن ئي جذبن جو اظهار ڪيو جنهن جو اظهار خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ڪيو هو. وزيراعظم يقين ڏياريو ته خيبرپختونخواهه جي ذميوارن بابت ڪيل واعدا پورا ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي دور کان پوءِ 19 مارچ تي ناڻي واري وزارت جا آفيسر خيبرپختونخواهه جي لاڳاپيل آفيسرن سان ويهندا ته جيئن قرضن جي ادائيگي جي معاملي تي ڪم ڪيو وڃي ۽ تجويز پيش ڪئي ويندي. احسن اقبال موجب وزيراعظم انهن قيدين بابت به ڳالهايو جن خلاف ڪو به ثبوت ناهي. وزيراعظم ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي. سڀني کي قانون موجب انصاف ملڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته اڄ جي اجلاس جو خلاصو اهو آهي ته سياست هر ڪنهن جي پنهنجي آهي پر رياست ڇپر ۽ ڇانو آهي. ان سلسلي ۾ وفاق پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. چيف سيڪريٽري شهاب علي شاهه جي بدلي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته وزيراعظم يقين ڏياريو آهي ته ان معاملي تي ضابطا به پورا ڪيا ويندا، هڪ ٽيم به آڻڻ چاهيون ٿا، اسان کي ان تي ڪو به اعتراض نه هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.