ٻارڙيءَ سان شادي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 2 سال قيد جي سزا

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اولهه جي عدالت ۾ نابالغ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي  جوابدار کي قيد جي سزا، عدالت جوابدار محمد اسلم کي 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته جوابدار تي 15 ورهين جي نينگري سان شادي ڪرڻ جو الزام هو، عدالت چيو ته ڪيس ۾ ملوث نڪاح جا شاهد ۽ نڪاح خوان مفرور آهن، پراسيڪيوشن چيو ته جوابدار شادي جي سرٽيفڪيٽ ۾ ڇوڪري جي عمر 19 سال لکرائي هئي، عدالت جي حڪم تي ڇوڪري جي عمر بابت ميڊيڪل معائنو ڪيو ويو، پراسيڪيوشن چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڇوڪري جي عمر 15 سال ثابت ٿي وئي، نينگري جي والد پاران اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ڇوڪري جو بيان آهي ته مون پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، مون کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، عدالت چيو ته ڇوڪريءَ جي بيان کانپوءِ اغوا جو ڏوهه ثابت نه ٿو ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.