وزارتون وٺي گم نه ٿي وڃجو

اسان هي جيڪي ايڊيٽوريل لکون ٿا سي بظاهر ته اسان ٿا لکون پر اصل ۾ اهي  ليک عوام جو آواز هوندا آهن. اسان سندن ئي امنگن جي اپٽار ڪندا آهيون سو هنن ليکن کي ان احساس وچان پڙهڻ گهرجي. مثال طور گذريل اڱاري جي ڏينهن تي سنڌ جي پ پ حڪومت صوبائي ڪابينا جوڙي آهي ته ان متعلق مجموعي طور تي عوام ۽ ساڃاهه وندن جو جيڪو تاثر آهي تنهن کي هتي لکي ان کي اسان حڪومت تائين پهچائڻ چاهيندا آهيون.

هاڻي جيستائين صوبائي ڪابينا جو معاملو آهي ته عام تاثر اهو آهي ته وزارتون ڏيڻ جو ڪو خاص معيار ناهي رکيل. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته وزارتن سان لاڳاپيل ماهر ماڻهن کي وزارتون ڏنيون وڃن جن جو انهن شعبن ۾ ڪو ڪم ٿيل هجي يا وسيع تجربو هجي يا وري جن وٽ ان مخصوص وزارت بابت ڪو پروگرام ڏنل هجي ته وزارت ملڻ کانپوءِ اهي ڪهڙو ڪم ڪندا، ڪهڙي ڪارڪردگي پيش ڪندا. هتي عام ملازمت لاءِ به انٽرويو ٿيندا آهن، سندن سي وي ڏٺي ويندي آهي ۽ ان روشني ۾ سندن اپائنٽمينٽ ٿيندي آهي پر وزارتون سياسي وابستگين ۽ پارٽي لاءِ ڏنل خدمتن کي ڏسندي ڏنيون وينديون آهن.

وزارتن بابت اهو به تاثر هوندو آهي ته وزير وزارتون وٺي گم ٿي ويندا آهن. اهو واقعي به تمام وڏو الميو آهي اسان جي ملڪ اندر هڪ پاسي چپي چپي تي ڪم پکڙيل آهي ۽ اسان جا وزير وري ڪک ٻيڻو ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن هوندا. وزارتون ماڻڻ لاءِ وڙهندا وتندا، هڪٻئي جون ڄنگهون ڪڍندا وتندا پر وزارتون ملندن ته ڪم نه ڪندا. ائين عوام کي ميدان تي ڪم ٿيندي نظر ناهي ايندو. نتيجي ۾ مسئلا ئي مسئلا ملندا، پريشانيون ۽ تڪليفون ئي پلئه پونديون آهن.

ماضيءَ ۾ اسان اهڙا به وزير ڏٺا جيڪي ترقياتي رٿائن جي مليل فنڊن کي به استعمال نه ڪري سگهيا ۽ ائين سندن فنڊ ليپس ٿيندا رهيا يعني بنا خرچ جي واپس اڪائونٽن ۾ ويا. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪوڙيون اسڪيمون ٺاهي فنڊن کي خرد برد ڪيو ويو. اهو اسان نٿا چئون پر عام رپورٽون آهن جيڪي ميڊيا تي اچي چُڪيون آهن.

اها به حقيقت آهي ته گڊ گورننس جو سڌو سنئون تعلق وزيرن جي ڪارڪردگي سان هوندو آهي. وزير ڪم ڪندا، ترقياتي رٿائون جوڙيندا، فنڊ وٺي انهن تي ڪم ڪندا ته حڪومت جي ڪارڪردگي به نظر ايندي پر هتي نه ترقياتي رٿائون جڙنديون آهن ۽ نه ئي ڪم ٿيندو آهي نتيجي ۾ فنڊ ليپس ٿي ويندا آهن. مراد علي شاهه جي گذريل ٻن حڪومتن تي اها ئي تنقيد ٿيندي رهي آهي ته سندن دور ۾ گڊ گورننس جو فقدان هو.

هاڻي جڏهن سيد مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيو آهي ته اسان جو خيال آهي ته گذريل ٻن حڪومتن جي تجربن جي روشني ۾ هاڻي کيس سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، حڪومتي رٽ قائم ڪري ڏيکارڻي پوندي ۽ ايئن متحرڪ ٿيڻو پوندو جيئن پنجاب ۾ پهريون ڀيرو ٿيل عورت وزيراعليٰ مريم نواز متحرڪ ٿي ڏيکاريو آهي. سو جيستائين وڏو وزير پاڻ متحرڪ نه ٿيندو تيستائين سندس ڪابينا به متحرڪ نه ٿيندي.

گذريل اڱاري تي سنڌ جي وڏي وزير پهرين مرحلي ۾جنهن  ڪابينا کان حلف کڻايو آهي تنهن ۾ شرجيل ميمڻ سينيئر وزير طور ڳڻيو وڃي ٿو. ڪجهه وزير اهڙا آهن جن کي گذريل دور ۾ به وزارتون مليون هيون. انهن ۾ شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اندر جديد ٽرانسپورٽ بسن جو نظام آندو جيڪا ڪارڪردگي سندس يادگار آهي. کيس ڪجهه ٻين وزارتن سان گڏ ٽرانسپورٽ جي ساڳي وزارت ڏني وئي آهي. ايئن صحت جي وزارت هن ڀيري به عذرا پيچوهو کي ملي آهي جنهن جي صحت جي شعبي ۾ تمام سٺي ڪارڪردگي رهي. سردار علي شاهه به گذريل حڪومتن ۾ متحرڪ وزير نظر آيو خاص ڪري سندس دور ۾ ادبي ميلن کي سٺي هٿي ملي. باقي تعليم جي وزارت ۾ سندس ڪارڪردگي غير معمولي نه هئي. ان حوالي ۾ سندس موسيقي جا ڪلاس هلائڻ وارو ڪم يادگار هو پر مجموعي طور تي هاڻي به تعليم جي وزارت سندس لاءِ چيلينج هوندي. اميد ته هيل هو ان وزارت ۾ پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ڪري ڏيکاريندو.

ايئن هيل جن وزيرن کي به وزارتون مليون آهن ته تن کي اهي هڪ چيلينج ۽ مشن طور وٺڻ گهرجن ۽ ان جذبي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. کين پنهنجي وزارتن جي حوالي سان اپ ڊيٽ به ٿيڻو پوندو. مثال طور خوراڪ کاتي جي اضافي وزارت ڄام خان شورو کي ڏني وئي آهي ته کيس پهرين فرصت ۾ سنڌ ۾ لٿل ڪڻڪ جي خريداري جو معاملو حل ڪرڻ جو سوچڻ گهرجي. سنڌ ۾ ڪڻڪ جو تمام سٺو فصل لهي چُڪو آهي. هاڻي جو مرحلو اهو آهي ته حڪومت ڪڻڪ کي فوري طور تي خريد ڪري ان کي مارڪيٽ ۾ ورهائي. اهو ڪم خوراڪ کاتي کي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن خوراڪ کاتي وقت سر ڪڻڪ خريد نه ڪئي ته غريب هارين ۽ واپارين جو وڏو نقصان ٿيندو، پوءِ ڪڻڪ جو اگهه ڪري پوندو ۽ ان نتيجي ۾ وڏا واپاري سستي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري ان کي ذخيرو ڪري ڇڏيندا جنهن ڪري ڪڻڪ جي کوٽ جي دانهن ٿيندي. کوٽ ڪري اٽي جو شديد بحران ٿيندو پوءِ واپاري سستي اگهه تي خريد ڪيل ڪڻڪ مهانگي ريٽ تي وڪرو ڪندا ۽ ايئن اٽو مهانگو ٿي ويندو. اهڙي نوبت اچڻ کان اڳ خوراڪ کاتي جي وزير ڄام خان شورو کي اک پٽڻي پوندي ۽ ان ايندڙ گهوٽالي کي بروقت ڪارروائي سان روڪڻو پوندو.

ايئن ڪابينا جي ٻين وزيرن کي پنهنجي وزارتن کي ان سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي ۽ پاڻ ملهائڻ گهرجي. ان سان مجموعي طور تي حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي جنهن سان عوام کي پڻ فائدو ٿيندو تنهن ڪري اسان جو عرض آهي ته وزارتون وٺي گم نه ٿي وڃجو پر ڪجهه ڪم ڪري ڏيکاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.