راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر کي ڳولي پيش ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي (م ڊ) عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جو  الزام لڳائيندڙ راوالپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت علي چٺا کي عدالت طلب ڪري ورتو آهي. راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج حاڪم خان ڪئي. عدالت پوليس کي ايندڙ تاريخ تي راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت علي چٺا کي هر صورت ۾ ڳولي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. راولپنڊي پوليس عدالت ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته راولپنڊي جو اڳوڻو ڪمشنر لاڳيتو روپوش آهي ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ حافظ آباد واري گهر ۾ به موجود نه آهي جنهن تي عدالت پوليس کي اڳوڻي راولپنڊي جي ڪمشنر کي 15 اپريل تائين ڳولي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.وڪيلن طرفان راوالپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لا3 22 اي جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.