ڪراچي (رپورٽر) نارٿ ناظم آباد مان گم ٿيل ڀاءُ ۽ ڀيڻ واپس گهر پهچي ويا، ٻارڙن جي والده تصديق ڪري ڇڏي، اڻڄاتل جوابدار ٻارڙن کي ڇڏي فرار ويا، اطلاع بعد رينجرز پهچي ٻارڙن کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو، ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق موجب ٻئي ٻارڙا گهر واپس پهچي ويا آهن، واقعي جي جاچ جاري آهي، هٿ آيل معصوم ڀاءُ ڀيڻ جي والده هڪ پوسٽ ۾ چيو هو ته هُن جا ٻارڙا گم ٿي ويا آهن، جڏهن ته هاڻ ٻارن جي والده شمائلا ناز ٻي پوسٽ شيئر ڪندي چيو آهي ته الحمدالله پٽ ۽ ڌيءُ حفاظت سان ملي ويا آهن، ڀاءُ رينجرز سان گڏ وڃي ٻارن کي هٿ ڪيو آهي، جيڪي ٻارن کي وٺي ويا هئا اهي ئي هنن کي ڇڏي ويا، ٻارن ميڊيا کي بيان ڏيندي چيو ته اسان پاڻ مائٽن جي رويي ۽ تشدد سبب ڪاوڙجي ويا هئاسين، هڪ ماسي ۽ انڪل اسان کي پناهه ڏني ۽ پاڻ ئي ڇڏي ويا.