ڪارل مارڪس (5 مئي 1818ع – 14 مارڇ 1883ع) فلاسافر، معشيت دان، سماجيات دان، صحافي ۽ انقلابي سوشلسٽ هو. هو پروشيا (Prussia) جي وچولي طبقي جي خاندان ۾ پيدا ٿيو، اڳتي هلي، هن سياسي معاشيات ۽ هيگيلين فلاسافي ۾ تعليم پرائي. وڏو ٿيڻ کانپوءِ مارڪس کي بي وطن (اسٽيٽ ليس) ٿيڻو پئجي ويو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو هن لنڊن، انگلينڊ ۾ گذاريو، جتي جرمن مفڪر، فريڊرڪ انگلز جي ساٿ سان، پنهنجي ڪيل مختلف ڪمن کي ڇپرايو، انهن مان، 1848ع ۾ پڌرو ڪيل ڪميونسٽ پڌرنامي (ڪميونسٽ مينيفيسٽو) تمام گهڻي مشهوي ماڻي. تڏهن کان سندس ڪم، فڪري، اقتصادي ۽ سياسي تاريخ تي وڏا اَثر وڌا آهن.
سماج، اقتصاديات، ۽ سياست جي باري ۾ مارڪس جي نظرين کي گڏيل طور مارڪسز سڏيو وڃي ٿو . جنهن مطابق انساني معاشرا اصل ۾ طبقاتي جاکوڙ جي تاريخ آهن: جيڪا حڪمران طبقن (بورجوازي يا سرمائيدار) جيڪو پيداوار جي ذريعن تي ڪنٽرول رکي ٿو ۽ پورهيت طبقو (پرولتاريه) جيڪو اُجوري لاءِ پنهنجو پورهيو وڪڻي ٿو جي وچم ٽڪراءُ آهي. ويڳاڻپ جو احساس، قدر، اجنساسِ مترادف (commodity fetishism)، ۽ قدر زائد (فاضل مُلهه) جي پنهنجي نظرين ذريعي بحث ڪندي مارڪس دليلَ ڏئي ٿو ته سرمائيداري، سماجي لاڳاپن, اَڻ گهڙيل مال کي گهڙي شين ۾ بدلائڻ (ڪموڊيفيڪشن)، اَڻبرابري، ۽ پورهيت طبقي جي استحصال ذريعي مفاد ماڻي ٿي. هڪ اهم نقطه نظر، جيڪو تاريخي ماديت سڏجي ٿو جي تحت مارڪس، بنياد ۽ ساخت (بيس ۽ سُپر اِسٽرَڪچر) جي اصولن جي بنياد تي نظريو پيش ڪندي روز ڏيندي چيو آهي ته سماج جي ثقافتي ۽ سياسي حالتن سان گڏوگڏ انساني فطرت جا ويچارَ گهڻي حد تائين غير واضح بنيادن تي مقرر ٿي رهيا آهن. هنن پُر اثر اقتصادي جائزن جو نتيجو نيٺ ”سرمائي“ (ڪيپيٽال)، حجم (واليوم) 1 (1867) جي روپ ۾ نڪتو.
مارڪس جي مطابق، حڪمران، رياستون حڪمران طبقي جي مفادن ۾ هلائي رهيا آهن پر پوءِ به ان جي نمائيندگي، سڀني جي گڏيل مفادن جي نالي تي ڪري رهيا آهن. هن پيشنگوئيءَ ڪندي چيو ته، اَڳوڻن سماجي اقتصادي نظامن وانگر، سرمائيداري نظام جون اندروني ڇڪتاڻون نيٺ سرمائيداري نظام کي پنهنجي خود تباهي ڏانهن وٺي وينديون ۽ پوءِ اهو هڪ نئين نظام سوشلزم ۾ تبديل ٿي ويندو. مارڪس موجب، سرمائيداريءَ نظام جي سخت طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ ان جي ناپائيدار فطري ڀڇڙائي نيٺ پورهيت طبقي جي طبقاتي شعور ۾ واڌارو آڻيندي، جيڪا ان کي سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ڏانهن وٺي ويندي ۽ نيٺ پيداوار ڏيندڙن جي آزاد ايسوسي ايشن جي حڪومت تحت هڪ غير طبقاتي، ڪميونسٽ سماج قائم ٿيندو. مارڪس، ان مقصد کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڏاڍي جذبي سان وڙهيو ۽ زور ڏئي چيو ته پورهيت طبقي کي پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي آزادي لاءِ، منظم انقلابي ڪاروائي جي ذريعي سرمائيداري نظام جو تختو اُنڌو گهرجي.
مارڪس انساني تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ اَثر رکندڙ شخصيتن مان هڪ طور ڄاتو وڃي ٿو، جنهن جي ڪم تي واکاڻ ۽ تنقيد ٻئي ٿيون آهن. معاشيات ۾ سندس ڪم، موجوده پورهيئي جي، سرمائي ۽ اقتصادي لاڳاپن سان تعلق کي سمجهڻ جا بنياد وڌا. سڄي دنيا ۾ ڪيترائي دانشور، ليبر يونينون، فنڪار ۽ سياسي پارٽيون، مارڪس جي خيالن يا ان جهڙن آدرشن ۽ ويچارن کان تاثير ورتي آهي. مارڪس کي عام طور تي جديد سوشيالوجي ۽ سماجي سائنس جو اَبو سمجهيو وڃي ٿو.
مارڪس انساني تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ اَثر رکندڙ شخصيتن مان هڪ طور ڄاتو وڃي ٿو، جنهن جي ڪم تي واکاڻ ۽ تنقيد ٻئي ٿيون آهن. معاشيات ۾ سندس ڪم، موجوده پورهيئي جي، سرمائي ۽ اقتصادي لاڳاپن سان تعلق کي سمجهڻ جا بنياد وڌا. سڄي دنيا ۾ ڪيترائي دانشور، ليبر يونينون، فنڪار ۽ سياسي پارٽيون، مارڪس جي خيالن يا ان جهڙن آدرشن ۽ ويچارن کان تاثير ورتي آهي. مارڪس کي عام طور تي جديد سوشيالوجي ۽ سماجي سائنس جو اَبو سمجهيو وڃي ٿو.