روسي صدارتي چونڊ ۾ پيوٽن خلاف ڪو سگھارو اميدوار ناھي

روس ۾ هلندڙ هفتي 15 کان 17 مارچ تي صدارتي چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ جتي هڪ ڀيرو ٻيهر روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي ڪاميابي يقيني سمجھي پئي وڃي.ان صورت ۾ هو 2030ع تائين روسي صدر جي عهدي تي رھندو.

روس ۾ صدر پيوٽن جي جان کي خطرو محسوس ٿيندڙ اپوزيشن ليڊر يا تھ جيل ۾ آهن يا وري جلاوطن آھن ۽ حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندڙ ميڊيا ھائوسز کي بند ڪيو ويو آھي.

اٽڪل 14 ڪروڙ 60 لک آبادي جي هن ملڪ ۾ چونڊ عمل تي ماسڪو جو مڪمل ڪنٽرول آھي.گذريل ٻن سالن کان هلندڙ يوڪرين جي جنگ سبب سڄي دنيا جون نظرون روسي صدارتي چونڊن تي لڳل آهن.

ارڙھن سال يا ان کان وڏي عمر جو ھر شهري ووٽ ڏيڻ جي اھل آھي.پر جن کي قانون جي ڪنھن عدالت طرفان سزا مليل ھوندي اھو اھل نھ آهي، سينٽرل اليڪشن ڪميشن موجب هن وقت روس ۽ يوڪرين جي روسي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ بھ ووٽرز جو وڏو انگ آھي ۽ لڳ ڀڳ 11 لک ووٽر ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا.

2018ع جي چونڊن ۾ ووٽ جو ٽرن آئوٽ 67.5 سيڪڙو رهيو ھو. جڏهن ته مبصرن ۽ عام ماڻهن، چونڊن ۾ وڏي پيماني تي بي ضابطگين جي شڪايت ڪئي ھئي. 2021 جي پارلياماني چونڊن ۾ ووٽ جو ٽرن آئوٽ 51.7 سيڪڙو رھيو هو.

ايراضي  جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ملڪ ۾ صدارتي چونڊن لاءِ ووٽ ڏيڻ جو عمل جمع کان شروع ٿيندو ۽ آچر تائين جاري رهندو. روسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ هڪ بدران ٽن ڏينهن لاءِ ٿي رهي آهي.

ھن کان اڳ روس ۾ 2020ع ۾ ٿيندڙ ريفرنڊم لاءِ پڻ ووٽنگ ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهي ھئي. جنهن جي نتيجي ۾ ولاديمير پيوٽن کي وڌيڪ ٻن مدن لاءِ صدر جي عهدي لاءِ چونڊ ۾ حصي وٺڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي.  ھي پهريون ڀيرو آهي ته روسي صدارتي چونڊن ۾ آن لائن ووٽنگ بھ ٿي رهي آهي. روس جي 27 علائقن کان علاوه، يوڪرين جي 2014 ۾قبضي ۾ ورتل علائقي ڪريميا جا ماڻهو پڻ آن لائن ووٽ ڏئي سگهندا. يوڪرين جي چئن کن  انھن علائقن ۾ بھ ووٽنگ ٿيندي جن تي روس جي فوج جو مڪمل ڪنٽرول نھ آھي. ستر سالن جو پيوٽن آزاد اميدوار طور پنجين مدي لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي.ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ ھو وڌيڪ 6 سالن جي لاءِ ساڳئي عھدي تي فائز رھندو. تازي ڪيل آئيني ترميم موجب  پيوٽن 2030ع ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ پڻ حصو وٺي سگهندو. جنهن جو مطلب آهي ته هو 2036ع تائين ملڪ جي صدر جي عهدي لاءِ قانوني طور اهل آهي.  پيوٽن پهريون ڀيرو 2000 ۾ اقتدار ۾ آيو. هو اڳوڻي سوويت يونين جي آمر جوزف اسٽالن کان پوءِ روس جو سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ڪندڙ اڳواڻ آهي. صدارتي چونڊن ۾ ولاديمير پيوٽن جا ’اپوزيشن‘ اميدوار پڻ پارليامينٽ ۾ روسي حڪومت جي اتحادي پارٽين جا اڳواڻ آهن.

صدارتي مقابلي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو نڪولاءِ خريتونوف، نيشنلسٽ لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ليونڊ سلوسڪي ۽ نيو پيپلز پارٽي جو ولاديسلاف دوانڪوف شامل آهن. خارتينوف جي صدارتي اليڪشن ۾ به پيوٽن جي سامھون اميدوار ھو. پر وڏي فرق سان هارايو ھو.

چونڊن ۾ حصو وٺندڙ لڳ ڀڳ سڀئي اميدوار يوڪرين تي روس جي حملي سميت سمورين ماسڪو حڪومت جي پاليسين جا حامي آھن. اڳوڻين چونڊن مان واضح ٿيو آھي تھ ھن وقت مقابلو ڪندڙ اميدوارن مان پيوٽن کي  ڪو به خطرو نه رھيو آهي. گذريل صدارتي چونڊن ۾ ٻئي نمبر تي آيل اميدوار کي 11.8 سيڪڙو ووٽ مليا جڏهن ته پيوٽن کي 76.7 سيڪڙو ووٽ مليا ھئا.

پيوٽن جي مقابلي ۾ سڀ کان اھم اڳواڻ بورس ناديزدن هو، جنهن يوڪرين  جنگ کي ختم ڪرڻ  جو نعرو ھنيو ھو.هن چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ غيرمعمولي عوامي دستخطي مھم ھلائي ھئي، پر اليڪشن ڪميشن سندس نامزدگي ڪاغذن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ اعتراض واريو ھو ان ۾ گھڻيون صحيحون اصلي نھ آهن. ڪوبھ سگھارو مخالف اڳواڻ چونڊن ۾ حصو نه وٺي رهيو آهي. مضبوط سمجھيا ويندڙ سڀ ماڻهو يا ته جيلن ۾ آهن يا جلاوطن ڪيا ويا آهن.

پيوٽن جي سخت ترين مخالفن مان هڪ  اليڪسي نوالني ڪجهھ وقت اڳ جيل ۾مري ويو ھو. 2018 ۾ هن صدر پيوٽن جي خلاف صدارتي چونڊ وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس روڪيو ويو ھو.

آزاد مبصرن موجب روسي چونڊن جي شفاف ۽آزاد ٿيڻ جا امڪان محدود آهن. مبصرن اليڪشن کي ڪيترن ئي لاءِ ڏينهن وڌائڻ تائين ۽ آن لائن ووٽنگ تي پڻ تنقيد ڪئي آهي، ان  عمل کي چونڊن جي شفافيت لاءِ  نقصانڪار قرار ڏنو آهي.

مخالف ڌر موجب 2021ع ۾ ڊجيٽل ووٽنگ ۾ بي ضابطگين جا واضح ثبوت سامهون آيا ھئا، انساني حقن جي ڪارڪنن پاران سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل وڊيوز ذريعي چونڊن ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف پڻ ڪيو پيو وڃي.

سال 2018  جي صدارتي چونڊن تي يورپ جي ترقي ۽ سلامتي واري تنظيم (او ايس سي اي) جي انٽرنيشنل اليڪشن آبزرويشن مشن پنھنجي رپورٽ ۾چيو ھو  ته چونڊن ۾ ڪو به حقيقي مقابلو نه هو ۽ روس سڀني تنقيد ڪندڙن جي آوازن کي دٻائي ڇڏيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.