نئين سنڌ ڪابينا جو هڪ جائزو

تحرير: شفيق وساڻ

سنڌ اسمبلي ۾ ڪجھه نوان ۽ اڪثريت پراڻن چھرن جي آھي. خير سان نو رڪني تي جوڙيل وزارتن جي قلمدان سونپيا ويا آھن . جيڪي اھم وزارتون آھن . تقربين گذريل دؤر وارن ساڳين ئي وزيرن کي ساڳيون وزارتون مليون آھن . ڪجھه ڦير ڦار ڪئي وئي آھي . ڪجھه ضلعن کي وزارتن کان نظرانداز به  ڪيو ويو آھي .

سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي . گذريل دؤر جو جائزو وٺنداسين ته ترقياتي ڪم نه ٿيا ھئا . ھن وقت روڊن جي خراب صورتحال آھي . تعليم جا نوان ادارا کوليا ويا ھئا پر اتي سھولتون نه آھن انھن تعليمي ادارن ۾ سھولتون ڏنيون وڃن . جيئن تعليم جي معيار ۾ بھتري اچي . سنڌ جي تعليمي ادارن مان ڪاپي ڪلچر کي بلڪل ختم ڪيو وڃي. بورڊ مافيا سفارش پئسن تي مارڪون وٺڻ کي بلڪل ختم ڪيو وڃي.  ميرٽ کي بحال ڪيو وڃي . ميڊيڪل ۾ جيئن ستياناس ٿيو وري اھڙي قسم جي پيپر ليڪ ۽ ڏيتي ليتي جي بنياد تي ڊاڪٽر ٿي وڃڻ کي بند ڪيو وڃي .

صحت جا نوان ادارا کوليا وڃن نيون اسپتالون کوليون وڃن. آبادي کي نظر ۾ رکندي صحت جا مرڪز کوليا وڃن. سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر صحيح ڊيوٽيون نه پيا ڪن. خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي سرڪاري دوائون وڪرو ٿين ٿيون . سرڪاري سطح تي ميڊيڪل اسٽور کوليا وڃن جيڪي مناسب اگھه تي سرڪاري گھٽ اگھه تي دوائون ماڻھن کي ڏين . سرڪاري سطح تي ھر ضلعي ۾ ضلعي جي تعلقن ۾ کوليا وڃن . سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻھن کي سڀ دوائون ملڻ گھرجن . گذريل دؤر ۾ ڪجھه صحت مرڪز کوليا ويا آھي آبادي جي لحاظ کان تمام نه جي برابر آھن . صحت بنيادي ضرورتن مان بنيادي ضرورت آھي .  زراعت تباهه آھي کاتيدارن کي پئسا ملن ٿا. زرعي ٻج ڀاڻ تمام گھڻو مھانگو آھي انھن کي 42 يا 75 ھزار ڪجھه به نه آھي انھن پئسن مان 3 ھزار بئنڪ وارا کٽوتي ڪن ٿا . نوان تسلي شده ٻج متعارف ڪرايا وڃن . ريسرچ جا نوان ادارا کوليا وڃن. زرعي ٻج ۽ ڀاڻ جيئن پنجاب صوبي م ملي ٿو ان ساڳئي اگھه م سنڌ ۾ آبادگارن کي ڏنو وڃي . اٽي جي اگھه تي ضابطو آندو وڃي .

آبپاشيءَ کاتو بلڪل به گذريل دؤر ۾ زيرو ڪارڪردگي رھي آھي ھن وقت موجوده وزير کي واھن جي ڪپن تي وڻ لڳايا وڃن واھن دريائن جي کاٽي ڪرائي وڃي . بيلدارن ۽ عملدارن کي ڊيوٽي ڪرڻ تي پابند ڪيو وڃي .

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي غريب ماڻهن کان موٽرسائيڪل کسجي وڃن ٿيون. ڌاڙيلن ماڻھن کي اغوا ڪن ٿا ڏوھن تي ضابطو آندو وڃي . موجوده سنڌ جي نئين ڪابينا کي مھانگائي سان گڏ روزگار تعليم صحت مٺي پاڻي جون اسڪيمون ۽ سنڌ جي وسيلن اثاثن جي به مالڪي ڪرڻ گھرجي. ڌارين جي آبادڪاري  تي ضابطو آڻڻ لاءِ قانونسازي گھربل اقدامات کڻڻ گھرجن.

سنڌ اسمبلي ۾ ڪجھه نوان ۽ اڪثريت پراڻن چھرن جي آھي. خير سان نو رڪني تي جوڙيل وزارتن جي قلمدان سونپيا ويا آھن . جيڪي اھم وزارتون آھن . تقربين گذريل دؤر وارن ساڳين ئي وزيرن کي ساڳيون وزارتون مليون آھن . ڪجھه ڦير ڦار ڪئي وئي آھي . ڪجھه ضلعن کي وزارتن کان نظرانداز به  ڪيو ويو آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.