دنيا جي معشيت ڪاروبار ترقيءَ جو دارومدار پورهيت جي پورهئي سان جڙيل آهي ان سان ئي ملڪي زندگيءَ جو سلسلو ممڪن آهي ان حقيقت کان ڪير به انڪاري نه ٿو ڪري سگهي پر ان محنت ڪش هاري کان ويندي پورهيو ڪندڙ پورهيت جي زندگيءَ ته اسان نظر وجهنداسين ته ان جي روز جو ڪارهنوار تمام ڏکيو گذري ٿو انهن جي زندگيءَ جون اهم گهرجون به پوريون ڪو نه ٿو ڪري سگهي.
هن ملڪ ۽ سنڌ جي پورهيتن جي معاشي صورتحال تمام خراب آهي اهي پنهنجي ٻارين کي سٺي تعليم به ڪو نه ٿا ڏي سگهن پائڻ لاءِ ڪپڙو به ڪو نه وٺي سگهن انهن جي هر ضرورت اڻ پوري آهي ان جي باوجود اهو هاري پورهيت جيڪو ٻني ٻارو ڪري اناج فروٽ جي پيداوار ڪري ٿو اهو پورهيت جيڪو مختلف فيڪٽرين ۾ 8 کان 12 ڪلاڪن کان مٿي ڪم ته ڪري ٿو انهن کي به پنهنجا جائز حق ڪو نه ملن اهڙو هتي نظام جڙيل آهي جو ان سنڌي پهاڪي جيان ته جيڪو ڏاڍو سو ئي گابو وارو قانون مسلط آهي.
هتي سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي ۽ ڄامشورو سکر حيدرآباد سانگهڙ بدين ٺٽو ۽ ٻين شهرن ۾ جيڪي مختلف فيڪٽريون آهن انهن مان ڪي چند ملٽي نيشنل فيڪٽرين ۾ ڪجهه بهترين ۽ سهوليتون آهن پر جيڪي هتان جي سرمائيدارن حڪمرانن جون آهن انهن ۾ مزدورن سان سوتلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي انهن پورهيتن کي ٺيڪيداري نظام ۾ مڙهي ڪري انهن جا جيڪي ليبر قانون آهن انهن کي يرغمال ڪيو ٿو وڃي انهن ۾ جنهن ۾ ساليانو 5 سيڪڙو بونس موڪلن جا پئيسا گرئجوئيٽي 60 سالن کانپوءِ انهن پورهيت جي پينشن انشورنس کان محروم رکيو پيو وڃي جنهن جي ڪري پورهيت هڪ مايوسي ڪن زندگيءَ گذارئڻ ته مجبور بڻيل آهي ۽ جيڪي ليبر آفيسر جي سڀني سيٽن ته مقرر ٿيل سرڪاري ڪامورا انهن سرمائيدارن جي اشارن ته ڪمن ڪن ٿا انهن فيڪٽري مالڪن کان ڳري رشوت عيوض پورهيتن جا فلاحي ادار مڪمل طور ناڪام بڻجي ويا آهن ۽ پورهيت مايوسي واري زندگيءَ ڏانهن هليا ويا آهن اتي ساڳي طرح جيڪي پورهيت دوست تنظيمون به اصل ۾ اهي به پورهيت دوست نه پر مزدور دشمن پارٽيون انهن جا آڳواڻ آهن انهن آڳواڻن جون مختلف وڏين ڪارخانن فيڪٽرين ۾ شئير حصو پتي جڙيل آهي حصيدار آهن اهي پورهيت يونين به سرمائيدارن جي هيٺان ڪم ڪن ٿيون جنهن جي ڪري عام پورهيت جي زندگيءَ ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگهيو آهي ۽ جيڪي پاڻ کي مهان پورهيت هاري دوست مختلف آڳواڻ سوشل ميڊيا يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي وڏي واولا ڪن ٿا ته اسان ته مزدورن جي پگهر جو احساس آهي پر اصليت ان جي ابتڙ آهي.
اهي ئي پورهيت تنظيمن جا آڳواڻ ذميوار ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن فيڪٽري ڪارخاني جي مالڪ جو ڀائيوار هوندو اهي مزدورين سان ڪهڙيون چڱايون ڪندا هن سماج ۾ پورهيتن سان ٿيندڙ ويڌن جو حساب ڪير ڏيندو انهن سان انصاف ڪڏهن ٿيندو .
آخري ڪيستائين سنڌ جا پورهيت روزي جي خوف کان خاموشي وارو روزو رکندو انهن سرمائيندارن جي چالاڪين جو حل پاڻ پورهيت هاري کي گڏجي ڪڍڻو پوندو انهن وڏيرڪي نظام کي دفن ڪرڻ لاءِ وچولي طبقي کي هڪ مٺ ٿيڻو سان ئي بهتر نتيجا اچي سگهن ٿا ۽ پورهيت هاري جي زندگيءَ هڪ خوشحالي طرف گامزن ٿي سگهي ٿي .