سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو حل ڪير ڪندو؟

تحرير: حسين آزاد   

سڄي سنڌ ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي ور چڙھي وئي آھي. هر اخبار جي مين صفن تي نظر ڊوڙئيبي ته مٿين وڏين سرخين ۾ اقتدار جي ڌرين جو سرڪار ٺاهڻ ۽ عهدن جي ونڊ ورڇ جون ملنديون ته باقي اڪثريت ۾ سنڌ جي مظلومن ماڻھن جي ڌاڙيلن وٽ اغوا ۽ گهرن، روڊن، دڪانن  تان ڦر ٿيل سامان  ۽ مذاحمت ۾ قتل ٿيل بي گناھ ماڻھن جون سرخيون ملن  ٿيو. اڃ جي سوشل ميڊيا ته پل پل جون خبرون ڏي پئي جن ۾ به گهڻيون فيس بڪ تي چورين ڦرن ڌاڙيلن ۽ انهن خلاف احتجاجن جون آھن.

هن وقت سنڌي ماڻھو اهو واپاري هجي زميندار هجي استاد هجي هاري هجي مزدور هجي يا پرائيوٽ ڪمپنين ۾ ڪو روزگار ڪندڙ هجي پر جڏهن پنهنجي فرض ادا ڪرڻ لاءِ گهران نڪرندو آھي ته گهر وارن کي هدايت ڪندي الرٽ جاري ڪندو آھي ته ٻاهرين امن امان جي صورتحال خراب آھي جنهن ڪري رابطي ۾ رهجو. ڇاڪاڻ ته وٽس اميد جا ڏيئا سڀ وسامي چڪا آھن ۽ هو بد امني جي ڪري پنهنجي زندگي جي بقا کي عارضي ۽ عبوري سمجهي رهيو آھي. سندس تحفظ بابت جيڪي رياست جا فرض ھئا ان مان هو مايوس ٿي بي يارو مددگار پاڻ کي سمجهي ٿو.

سنڌ ڌرتي جا امن جي ڌرتي هئي ان ۾ به ڪي ضلعا بنيادي طور ماضي قريب ۾ امن امان ۾ پهريون نمبر هئا جهڙوڪ سجاول ضلعو، ٺٽو ضلعو، بدين ضلعو وغيره پر اهي ضلعا به اڄ اتر سنڌ جو بدامني ۾ ڏيک ڏيئي رهيا آھن. لاڙ جي ضلعن لاءِ اهيو تصور ڪيو ويندو آھي ته هتي قبائيلي نظام يا سرداري نظام نه آھي جنهن ڪري هتي اتر سنڌ جي ڀيٽ ۾ انساني اغوا خوري ۽ ماراماري گهٽ آھي ۽ ان کان سواءِ هنن ضلعن ۾ نه وڏاجبل آھن نه ڪي جهنگل يا ٻيلا آھن جن ۾ ڌاڙيل يا ڦورو ڪو مستقل پناھ وٺي سگهن ٿا. پر هن وقت اهي ضلعا بدامني جي چوٽ چڙھيل آھن خصوصن ضلعو سجاول ڪشمور ضلعو بنجي ويو آھي ۔ جتي ڦورو رات ڏينهن هڪ ڪريو بيٺا آھن . تازو ڦورن جا لامارن مان نه واپاري محفوظ  آھي نه استاد محفوظ آھي ۽ نه ڪو ٻئي ڪنهن پيشي سان وابستا فرد محفوظ آھي.

تازو سجاول مان سجاول مصروف ترين شاهي بازار مان شھر جو معزز واپاري اويس سوناري کان ٽن ڦورون واردات ڪئي آھي جنهن  ۾ 15 لک کان مٿي ڦر ئي آھي جڏهن ته ساڳئي واپاري جي سيلز مين کان ڏيڍ مهينو کن اڳ کين روپين جي ڦر ٿئي هئي. خضرآباد هاءِ اسڪول جي استادن کان ٻه هفتا اڳ جاتي روڊ تي اسڪول جي ڊيوٽي ڏانهن ويندي صبح سوير ٻن ڀائرن ڌرپن ۽ عادي ڪمار کان ھڪ سي ڊي موٽر سائيڪل 2 قيمتي موبائيلون ۽ 25 هزار روڪ رقم ڦر ڪئي وئي آھي انهي عرصي ۾ دڙي جي صحافي وفا ميمڻ تي ڌاڙيلن گوليون هلايون جنهن ۾ قسمت سان بچي ويو هو ۽ ڪيو اي ٽي جي اڳواڻ يوسف ڪونڀار کان ٻيلي دڙي روڊ تي فيملي سميت  ڦر ٿئي آھي جاتي شهر منگرڀين جو ميلو لڳل آھي جنهن جي زائرين کان ڦر ٿين پيون جنهن عورتن جا زيور ۽ روڪ رقم ڦر ڪري عورتن کي روڊ رستي تي فٽو ڪيو ٿو وڃي.  هن وقت سجاول ۾ اڻ ڳڻيون روز ڦرن جون وارداتون ٿين پيون جن کي هتي بيان ڪرڻ سان هن ڪالم کان وڌيڪ مواد ٿيندو. سوال اهو آھي ته ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي ور چڙھيل سنڌ  ۾ امن امان ڪير بحال ڪرائيندو ؟ سجاو ٿاڻي جي ايس ايڇ او قربان قمبراڻي کان جڏهن  اهيو سوال ڪيو ويو ته پاڻ جواب ۾ چيائين ته اسان وٽ آھن ئي 14پوليس وارا ته اسين وڏي تعداد ۾ نروار ٿيندڙ ڦورن جي نظرداري ۽ انهن تي ڪنٽرول ڪيئن ٿا ڪري سگهون ؟ جنهن جو مطلب ته پوليس حالتن جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آھن .

هن وقت جي نئين چونڊل سنڌ حڪومت جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ حلف کڻڻ وقت ئي اهو اعلان ڪيو آھي ته سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو آھي جنهن کي حل ڪيو ويندو ۽ سنڌ ۾ 25 هزار پوليس ۾ نوان جوان ڀرتي  ڪيا ويندا جيڪا نه صرف سٺي ڳالهه آھي پر هن ڦرلٽ جي دور ۾ سنڌ پوليس ڊپارٽمنٽ کي ضرورت به آھي. جنهن سان ٿاڻن ۾ نفري وڌندي ۽ روڊ رستن تي  گشتي ٽيمن ۾ به واڌي ڪري ڦورن جي رستا روڪ ڪري سگهجي ٿي.

رمضان جو مهينو شروع ٿي چڪو آھي جنهن ۾ بد امني اڃان اڳ کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي تنهنڪري رياست جي ذميواري آھي ته پنهنجي شھرين کي تحفظ ڏي ان سلسلي ۾ واپارين ۽ اسٽيڪ هولڊرن سان پوليس ملاقاتون ڪري انهن کي ڊجيٽل ڪيمرائون يا ٻيا اهڙا اوزار مُهيا ڪري ڏنا وڃن جن سان چورن جي نشاهندي ٿي سگهي ۔ ان کان وڌيڪ اثرائتي ڳالهھ اهيا ٿيندي ته اقتدار ۾ ويٺل ڀوتار ۽ وڏيري کي پابند ڪيو وڃي ته هو ڏوهارين جي سپورٽ نه ڪن  جيڪڏهن ڪنهن به ايريا ۾ ڏوهه ٿين ٿا ته ان جو ذميوار ايم اين اي ۽ ايم پي کي سمجهيو وڃي ڇاڪاڻ تجريبي ۽ تحقيق مان اهيا ڳالھ ظاهر ٿي آھي ته چورن ۽ ڦورن جو گهڻو لاڳاپو يا انهن جو جياپو تحفظ اهي سياسي وڏيرا ۽ ڀوتار ئي ڪن ٿا جنهنڪري انهن ڦورن کي لڪڻ ۽ پوليس جي گرفتاري کان ڇوٽڪارو ملي ٿو.

سجاول ضلعي لاءِ هي به ڳالهھ مشھور آهي ته سياسي ڀوتار پنهنجي مرضي جا پوليس آفيسر رکندا آھن جنهن ذريعي مخالف ڌر تي ڪوڙيون ايف آءِ آرون  ۽ چورن ڦورن کي آزاد ڪرائڻ سان عام ماڻھو توڙي هر اسٽيڪ هولڊر سندس مٺ ۾ اچي ٿو جيڪڏهن سندس مرضي جو آفيسر نه هوندو آھي ته انهن خلاف سندس پاليل ڦورن کي روڊن رستن شھرن گلين ۾ آڻي ڦرون ڪرائي سٺي آفيسر جي ساک  کي متاثر ڪري ۽ کيس هٽائي ٻيهر پنهنجو من پسند پوليس آفيسر مقرر ڪرائيندا آھن.

بهرحال جيڪڏهن  رياست پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي سنڌ ۾ امن امان قائم نه ڪيو ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ  ۾ انتشار ڦھلجندو  ۽ وڏي خونريزي جو خدشو پڻ رهندو۔ ڇاڪاڻ ھڪ پاسي بي روزگاري وڌي رهي آھي ته ٻئي پاسي مهانگائي وڌي رهي آھي ۽ ٽئين پاسي انتظاميا امن امان کي قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.