ملير/ ٺٽو (رپورٽ: جميل چانڊيو/ منصور جلالاڻي) سمنڊ ۾ ٻڏي ويل 14 مهاڻن مان وڌيڪ 3 ڄڻن جا لاش هٿ، ٻڏي ويل 14 مهاڻن مان 13 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، هڪ جي ڳولا جاري، تازو مليل ڇهن ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي، ابراهيم حيدري ڀرسان سمنڊ ۾ ٻڏي ويل 14 مهاڻن مان 13 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن جن مان ڇهن ڄڻن سجاد گندرو، نور عالم، محمد ڪوڪي، رياض علي، قيوم بيهاري، شير ملاح جا لاش پڻ هٿ ڪيا ويا آهن جن جي جنازي جي نماز رات دير سان ابراهيم حيدري ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس تدفين ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سميت ماهيگير تنظيمن جي اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، 2 ڏينهن اڳ چئن ڄڻن جا لاش پڻ هٿ ڪيا ويا هئا جن جي سڃاڻپ حسن، شڪور، ڪلام بنگالي ۽ هاشم طور ٿي هئي جن کي پڻ جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو هو، ان ڏس ۾ فشرفوڪ فورم جي ترجمان ٻڌايو ته ٻڏي ويل 14 ڄڻن مان 13 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن جن مان 10 جا لاش ابراهيم حيدري پهچايا ويا ۽ سندن تدفين ڪئي وئي جڏهن ته 3 تازو مليل لاشن ڪيٽي بندر کان ابراهيم حيدري منتقل ڪرڻ جون تياريون ٿي چڪيون آهن جن کي رات دير تائين ابراهيم حيدري ۾ وارثن حوالي ڪيو ويندو هن ٻڌايو ته ٻڏي ويل وڌيڪ هڪ ڄڻي جي ڳولا جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي، پاڪ بحريا ۽ ٻيون تنظيمون ريڪسيو آپريشن ۾ حصو وٺي رهيون آهن.