اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اڊيالا جيل ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا .راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات لاءِ آيا هئاسين، اسان سڀني وٽ عدالتي حڪم موجود آهن،عدالتي حڪم باوجود عمران خان سان ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي.عمر ايوب چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو ته سڪيورٽي سبب ملاقات روڪي وئي، اڊيالا جيل جو سپرنٽينڊنٽ به موجود نه هو ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ اسان سان ڳالهائڻ بدران ڀڄي ويو.هن چيو ته جيل انتظاميا کي قومي اسيمبلي ۾ طلب ڪنداسين، جيل ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا، ٻن هفتن تائين ملاقاتن تي پابندي جي مذمت ڪيون ٿا.عمر ايوب چيو ته پنجاب جي وڏي وزير کي شرم اچڻ گهرجي، هن الزام هنيو ته هي ڪم نئين گهرو وزير محسن نقوي جي هدايتن تي ٿي رهيو آهي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجي، اسان سينيٽ اليڪشن ۾ عمران خان سان مشاورت ڪرڻ پئي چاهي.هن چيو ته ايوان صدر ۾ ذهني ۽ جسماني طور معذور ماڻهو ويٺو آهي جيڪو ڪم نٿو ڪري سگهي، موجوده حڪومت صفر جمع صفر آهي.ٻئي طرف اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر پي ٽي آءِ باني سان ملاقات تي پابندي کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏيندي سندس جان کي خطري جو خدشو ظاهر ڪيو. بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني سان اڱاري ۽ اربع تي باقاعده ملاقات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر اڄ ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي ۽ نه ئي پي ٽي آءِ باني سان سندس گهرواري جي ملاقات ٿي.هن مطالبو ڪيو ته انڪوائري ڪئي وڃي ته عمران خان سان ملاقاتن تي ٻن هفتن جي پابندي ڇو لڳائي وئي آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم تائين سڀاڻي تائين پهچڻ ممڪن بڻائي سندس صحت ۽ سلامتي بابت آگاهه ڪيو وڃي.