ڪراچي( رپورٽر) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي رهي ۽ پاڪستان اسٽاڪ انڊيڪس ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 953 پوائنٽس گهٽجي 64 هزار 801 تي اچي ويو. ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1194 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، 100 انڊيڪس جي گهٽ ترين سطح 64 هزار 664 رهي. شيئرز بازار ۾ 32 ڪروڙ 17 لک شيئرز جا سودا طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 132 ارب رپين مان گهٽجي 9 هزار 228 ارب رُپيا رهي.
-
پشاور ۾ پوليس موبائل تي دهشتگردن جي فائرنگ ، 2 اهلڪار شهيد،هڪ زخمي
پشاور( م ڊ ) خيبرپختونخوا جي راڄڌاني پشاور ۾ مچني گيٽ جي علائقي ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگردن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر زخمي ٿي پيو.پوليس عملدارن موجب، پوليس اهلڪار معمول موجب گشت تي هئا ته دهشتگردن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني.حملي ۾ موبائيل انچارج اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر زخمي جڏهن ته ڪانسٽيبل اجمل ۽ سراج شهيد ٿي ويا.اطلاع تي پوليس آفيسرن نفري سان گڏ موقعي تي پهچي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.