لاهور(م ڊ)پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته دهشت گردن جي ڪوڙي بيانئي جو اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو،پي ٽي آءِ سازشي نظريا رکندڙ جماعت آهي،اڊياله جيل جي حوالي سان سنجيده خطرا آهن، گهڻو سيريس ٿريٽ الرٽ آهي جنهن جي جاچ جاري آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پڪڙيل دهشت گردن وٽان اڊيالا جيل جي حوالي سان نقشا مليا آهن، ٻن هفتن ۾ سيڪيورٽي بهتر ڪئي ويندي، هن چيو ته عمران خان کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي رٿا بابت مون کي ڪا به خبر ناهي