حيدرآباد/ ڪراچي(رپورٽر) قاسم آباد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل قانون جي شاگردياڻي يسرا بتول پٺان جي قتل ۽ سندس ڀاء آڪاش جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس داخل ٿي ويو, زخمي ٿيل نوجوان آڪاش پٺاڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس آغا خان اسپتال ڪراچي منتقل ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن, ڊي سي حيدرآباد جي سهڪار زخمي نوجوان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي, نوجوان آڪاش کي ڪنهن به وقت سول اسپتال حيدرآباد کان آغا خان اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويندو. ذريعن موجب لمس پاران زخمي نوجوان قانون جي شعبي جي شاگرد آڪاش پٺاڻ جي علاج بابت جوڙيل ميڊيڪل بورڊ به ڪراچي منتقلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان ۾ وارثن جي رضامندي پڻ شامل آهي. پوليس جي جوڙيل جاچ ٽيم ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي. نسيم نگر پوليس ڪيس مقتول شاگردياڻي جي ڀاءُ عمير علي پٺاڻ جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف داخل ڪيو آهي. ڪيس ۾ مبينا آپگهات ڪندڙ ارشاد کوکر کي مک جوابدار ۽ 3 کان 4 ماڻهو اڻڄاتل قرار ڏنا ويا. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته 7 مارچ 2024ع تي سندس ڀيڻ يسرا بتول ٻئي ڀاءُ آغا آڪاش پٺاڻ سان موٽرسائيڪل تي ڪاليج مان گهر ڏانهن پئي آئي ته واڌو واهه روڊ ڀرسان عربيه اسڪوائر وٽ ڪار ۾ سوار جوابدار ارشاد کوکر کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ واقعي ۾ ڀاءُ آڪاش زخمي ٿيو. ڪيس ۾ فريادي اهو به ڄاڻايو آهي ته ان کان اڳ جوابدار ارشاد کوکر کانئن ڀيڻ جو رشتو گهرڻ لاءِ سندن گهر آيو. ساڻس گڏ هڪ نامعلوم شخص ۽ 2 عورتون هيون جن بابت هن ظاهر ڪيو ته مرد سندس ڀاءُ آهي ۽ عورتن مان هڪ ڀيڻ ۽ رشتي ۾ هڪ ماءُ آهي پر انهن عمر جي حساب سان رشتي ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو. جنهن تي ساڻس گڏ آيل شخص کين ڌمڪي ڏني ته اوهان ارشاد کي نه ٿا سڃاڻو هي ضدي ۽ ڏنگو ماڻهو آهي. جنهن کانپوءِ 7 مارچ تي 11 لڳي 40 منٽن تي ڀاءُ افتخار فون ڪري اسپتال گهرايو جتي پهتو ته سندس ڀاءُ زخمي هئڻ سبب وارڊ ۾ داخل هو ۽ ڀيڻ فوتي حالت ۾ ميڊيڪو ليگل شعبي ۾ بيڊ تي پيل هئي. ڪجهه دير بعد واقعي جون ڪجهه وڊيوز ڏٺيون ته ڪار ۾ سوار هڪ شخص انڌاڌنڌ فائرنگ پئي ڪئي جنهن ۾ ڀيڻ کي مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن ۾ گوليون لڳيون ۽ ڀاءُ آڪاش کي به مٿي ۾ گولي لڳي. بعد ۾ فائرنگ ڪندڙ شخص گاڏي ۾ ويهي پاڻ آپگهات ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته فريادي ڪيس ۾ اهو واضح ڪيو آهي ته ڄاڻايل واقعو جوابدار کي رشتي ڏيڻ جي انڪار تان پيش آيو ۽ ڪيس 34 پي پي سي تحت داخل ڪري قلم 302 ۽ 324 لاڳو ڪيا آهن. ٻئي طرف پوليس واقعي واري ڏينهن ارشاد کوکر سميت ٽنهي ڄڻن جا موبائيل فون اڃا تائين هٿ ناهي ڪري سگهي. جنهن ڪري جاچ ٽيم کي واقعي ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. حيدرآباد ۾ قتل ڪيل يسريٰ بتول جي معاملي جو وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو، شاگردياڻي جي زخمي ٿيل ڀاءُ آڪاش پٺاڻ جو سنڌ حڪومت سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو به قدم کڻي ورتو آهي، يسريٰ جي مائٽن پوليس جي جاچ واري عمل کي سست قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان شاگردياڻي يسريٰ جي چاچي الطاف پٺاڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ۽ هن جي ڀاءُ آڪآش کي به گوليون هنيون ويون, جنهن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺي آڪاش جو ڪراچي جي آغا اسپتال مان علاج ڪرائڻ جو حڪم به جاري ڪيو. ان سلسلي ۾ چيف ٽيڪنيڪل آفيسر فيض علي منگي ليٽر پڻ جاري ڪيو آهي. الطاف پٺاڻ چيو ته ڪيس جي جاچ ۾ پوليس سستي ڏيکاري رهي آهي اسان جي نياڻي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو, جوابدار جي آپگهات کي ڪارڻ ڄاڻائي پوليس خاموش ٿي وئي آهي. هن چيو ته معاملو جنونيت جو آهي ان ڪري جوابدار جي آپگهات تي پوليس کي خاموش ويهڻ بدران ڪيس جو مختلف رخن کان جائزو وٺڻ گهرجي, اسان کي انصاف فراهم ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ جنونيت کي وڌڻ کان روڪيو وڃي.