سنڌي ادبي سنگت جون ٿيل چونڊون، اميدون ۽ تجويزون

سنڌي ادبي سنگت مرڪز جون جڏهن به چونڊون ٿينديون آهي ته ساڃاهه وند ادبي، سياسي، سماجي، علمي ۽ صحافتي ڌرين جو اوڏانهن ساهه اٽڪيل هوندو آهي، ڀلي انهن جو چونڊن ۾ سڌو عمل دخل نه هجي پر انهن جي جذباتي وابستگي ادبي سنگت سان واڳيل هوندي آهي ڇاڪاڻ جو اها تنظيم ڄڻ ته سنڌين جي پنهنجي ادبي تنظيم آهي جيڪا ڪنهن سرڪاري يا حڪومت جي ٺاهيل ناهي پر اديبن جي جوڙيل آهي. تنهن ڪري سنڌي ادبي سنگت جي بقاءِ ترقي جو سڄي سنڌي قوم کي اونو هوندو آهي.

هاڻي جڏهن سال 2024 جون مرڪزي چونڊون گذريل آچر تي ٿي چڪيون آهن ۽ ان نتيجي ۾ نور چاڪراڻي سيڪريٽري ۽ احساس ميرل جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدن تي ڪامياب ٿيا آهن ته انهن عهديدارن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي اميد ڪجي ٿي ته انهن عهديدارن جنهن مقصد لاءِ چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ چونڊ کٽي آهي ته هاڻي ان مقصد کي عملي جامو پهرائڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ پنهنجي پروگرام کي عملي شڪل ڏيندا.

سنڌي ادبي سنگت جو بنياد ڪيئن پيو ان جي تاريخ لکيل آهي جيڪي عهديدار هن چونڊ ۾ ڪامياب ٿيا آهن تن جي يقينن اها تاريخ پڙهيل هوندي جيڪڏهن ناهي پڙهيل ته کين پڙهڻ گهرجي. هيءَ ادبي تنظيم اسان جي وڏن جي امانت ۽ ورثو آهي. ان امانت ۽ ورثي کي ان جي اصل روح تحت قائم رکڻ ئي هڪ وڏي ذميواري آهي جيڪا وقت گذرڻ سان چيلينج ٿيندي پئي وڃي.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ٿي ان کي چئلينج ڇو ٿو سمجهجي. چئلينج ان ڪري سمجهيو وڃي ٿو جو اسان سڀ ڀلي پاڻ کي ادبي، آدرشي ۽ نظرياتي سمجهون پر عملي طور سماج اندر اهو ڪردار ادا ڪندي نظر نٿا اچون. عملي طور عام ماڻهن جي سوچ سماج ۾ حاوي نظر اچي ٿي. اسان کي، اديبن، آدرشي ۽ نظرياتي ماڻهن جي سوچ کي سماج اندر نمايان ڪري ڏيکارڻو آهي. ماضي جي اديبن جي ڪردار کي ڏسجي ته اهي پاڻ کي سماج ساز ۽ ماڻهو ساز به نظر ايندا هيا. ان ورثي کي بحال ڪرڻ جي گهرج آهي. ادارا ساز سوچ جي ضرورت آهي. ائين به ناهي ته ڪو اهڙا اديب اڄ ناهن بلڪل آهن پر اهي يا ته پاسيرو ٿي ويا آهن يا وري کين اڳتي نٿو آندو وڃي.

سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ کي ئي پڙهجي ته خبر پوندي ته نظرياتي، آدرشي، انقلابي ۽ ترقي پسند سوچ جي اديبن کي اڳتي اچڻ نه ڏنو ويو، سندن رستا روڪ ڪئي وئي ۽ ان لاءِ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو رواج وڌو ويو. اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته ادبي تنظيم جيڪا رضاڪاراڻي تنظيم آهي، جنهن جا عهدا به رضاڪاراڻا آهن تنهن جي چونڊ ۾ به ڌانڌلين جو سهارو ورتو وڃي ٿو سو ادبي سنگت جي پهرين ذميواري ته اها آهي ته اها اهڙو تاثر ختم ڪرائي ۽ چونڊن جي عمل کي غير روايتي بڻائي. ان ڏس ۾ سينيئر اديبن جي تجويزن کي گڏ ڪري انهن مان پاليسي جوڙي سگهجي ٿي. ان ڏس ۾ نئين مرڪزي سيڪريٽري نور چاڪراڻي جو هڪ اتساهيندڙ بيان آڏو آيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي سوڀ کي شمس سومرو جي سوڀ يعني ترقي پسند لڏي جي سوڀ قرار ڏنو آهي جنهن جي آجيان ڪجي ٿي.

ٻيو ته سنڌي ادبي سنگت جي شاخن کي فعال بڻائڻ جي به ضرورت آهي. اهي شاخون ائين سمجهڻ گهرجي ته ادبي اسڪول آهن جتي ادبي صنفن جي نئين نسل کي سکيا ملي ٿي. گهڻن ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته انهن دستوري گڏجاڻين کي نئين انداز سان ڪرڻ گهرجي، انهن تجويزن کي به ٻڌڻ گهرجي ۽ هفتيوار گڏجاڻين کي وڌيڪ ڪارج جوڳو بڻائي سگهجي ٿو پر انهن ادبي اسڪولن جو هلڻ لازمي آهي. ان جي اهميت ۽ ضرورت کي محسوس ڪرڻ گهرجي. اها ذميواري چونڊجي آيل مرڪزي سيڪريٽري جي آهي. هي سيڪريٽري به سمجهو ته تعليم کاتي وانگر ادبي اسڪولن جو سيڪريٽري آهي. تعليم جا سرڪاري وزير تعليم کاتي جي اسڪولن سان انصاف ڪري سگهيا آهن يا نه پر ادبي اسڪولن سان ته هر قيمت تي انصاف ٿيڻ گهرجي. اهي ادبي شاخون اصل ۾ سماج اندر آدرشي نظام جوڙڻ جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. انهن ادبي شاخن جا واٽس اپ گروپ به لازمي هئڻ گهرجن جيئن رابطو سهنجو ٿي سگهي.

ادبي سنگت جي شاخن کي ڪتاب ڇپائڻ ڏانهن به اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ان لاءِ سيڪريٽري اديبن کان رايا به وٺي سگهي ٿو ۽ ان روشني ۾ اهڙي ڪم ۾ هٿ وجهي سگهجي ٿو.

سو صلاحون ۽ مشورا ڏيڻ شروع ڪيون ته الائي ڪيترا ايڊيٽوريل لکي سگهجن ٿا پر اهو سوچڻ جو ڪم هاڻي مرڪزي سيڪريٽري جو آهي ته هُو ادبي سنگت کي جديد گهرجن مطابق ڪيئن ٿو هلائي سگهجي. سيڪريٽري کي ادبي شاخن جي هڪ ٽيم مليل آهي، ان ٽيم مان ظاهر آهي ته ان جو سيڪريٽري ئي ڪم وٺي سگهي ٿو، جيڪو هر شاخ کي سيڪريٽري کي وٺڻ گهرجي. اسان وٽ انفرادي طور اڄ به يقينن ڪي شاخون تمام گهڻيون سرگرم آهن انهن شاخن ۽ سيڪريٽرين جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي اڃا جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪن. جنهن به شهر يا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ ڪنهن اديب جو ڪتاب ڇپيو هجي ته اتان جي لاڳاپيل تنظيم کي گهرجي ته اها ان ڪتاب جي ادبي سنگت پاران مهورت ڪرائي. ادبي ميلن کي به هٿي وٺائڻ گهرجي. ٿيڻ ته ائين گهرجي هڪ ساليانو ادبي ميلو خود ادبي سنگت مرڪز به ڪرائي. اهو ڪم بنيادي طور تي سنڌي ادبي سنگت جو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.