سرخ سويرن جو سڏ ڏيندڙ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ     

تحرير: عرفان منان

انساني زندگي جا به عجب رنگ ۽ روپ ٿين ٿا، انساني معاشري ۾ هڪڙا اهڙا فرد آهن جن جو جيئڻ ۽ مرڻ پنهنجي ذات جي لاءِ هوندو آهي، انهن کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي هوندي ته سماج جي اندر ڇا ٿي رهيو آهي، اهڙا ماڻهو چاڪيءَ جي ڏاند وانگي ڦري پنهنجي حياتي جا ڏينهن پورا ڪري ويندا آهن. ان جي ابتڙ هڪڙا وري اهڙا مهان ماڻهو به هوندا آهن جن جي حياتي ٻين لاءِ وقف ٿيل هوندي آهي، انهن کي ان ڳالهه جي بلڪل پرواهه ناهي هوندي ته سماج اسان جي اهڙي روش تي ڇا ٿو سوچي، اهڙن ماڻهن جو هر پل ٻين جي ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ هوندو آهي، سندن سوچون، ويچار ۽ خيال سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل هوندا آهن، يقينن اهڙا ماڻهو سماج جي حقيقي حسناڪي ٿيندا آهن.

ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جو نالو ڪو نئون ناهي، هو هڪ اهڙو آدرشي انسان هيو جنهن جون سڀئي سوچون سماجي ڀلائي لاءِ هيون. هن جيڪو آدرش ڏنو هيو اهو پڻ پورهيت دوست هيو جنهن وسيلي عوام ڏکن کان آجو ڏيکاريل هيو، سندس جدوجهد پڻ عوامي امنگن تي ٻڌل هئي، جنهن مان ڪيئي ذهن فڪري ۽ شعوري حوالي سان سيراب ٿيا. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ 80 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي الڳ پارٽي ٺاهي پنهنجون سڀئي ڪوششون محڪوم ۽ مظلوم ماڻهن جي آسودگي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. ڄاڻايل دور انقلاب ۽ آدرش وارو دور هيو، دنيا اندر سياسي اٿل پٿل روان دوان هئي، مظلوم عوام غلامي جي ڌٻڻ مان نڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو هيو، ڪيئي محڪوم قومون آجپي جي مقدس ڳٽي کي چميون ڏئي اڳتي وڌي رهيون هيون، ڪيئي ماڻهو آزادي جي لال ڪنوار ماڻڻ لاءِ آتا هيا، مظلوم عوام سرخ انقلاب جو چهرو ڏسڻ لئه عظيم جدوجهد ۾ مشغول هيا.

اهڙي اهم وقت ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ وطن دوست انقلابي پارٽي جو بنياد وجهي عوام ۾ نڪري پيو هو، هن پنهنجي سياست جو محور مزدورن کي ڪيو، اهو ئي سبب هيو جو هن ان طبقي کي سرخ سياست جا سوين سبق پڙهائي عملي ميدان تي لاٿو، جنهن ۾ هو ڪافي حد تائين ڪامياب ويو. هو طبقاتي سوال ۽ جدوجهد تي گهڻو ڌيان ڏنو. اصل ۾ هن خطي جو سڀ کان وڏو مامرو طبقاتي ئي هيو ۽ آهي، جيستائين طبقاتي نظام قائم رهندو تيسيتائين مظلوم ۽ محڪوم قومون ان ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهبيون رهنديون، ڇو ته اهو نظام انساني سماج لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي، اهو ئي ڪارڻ هيو جو ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ پنهنجي پارٽي جي نظرياتي لائين اهڙي رکي اهڙي ڏائڻ نظام خلاق پورهيتن ۾ انقلاب جي پرچار ڪئي، ڪارخاني جي مذدورن کان وٺي ٻيڙي مذدورن تائين هن جهرجهنگ جاڳي عوامي سجاڳي جا ڪيئي سفر ڪيا، اهڙن سفرن ۾ ڪيئي تڪليفون ۽ ڏک هيا، وفاداريون، سچايون به هيون ته دوکا ۽ دولاب پڻ هيا، قرباني جو جذبو به گهربل هيو، ته ٺٺ ٺانگر ۽ شو بازي کي لت هڻڻي پوندي هئي.

اهڙي ڪٺن سفر ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ هر قسم جو ٻليدان ڏنو، هن سڻڀي نوڪري کي عوامي ۽ آدرشي سياست مٿان بلڪل فوقيت ڪونه ڏني، هن جي اصل مايا ۽ ورثو اهي پورهيت بڻيا جيڪي نسلن کان وٺي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي نجي جيلن ۾ قيد هيا جتان سندن نڪرڻ محال هيو. حقن کان وانجهيل، غلامي جي کاهي ۾ ڪري پيل انهن پورهيتن کي ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ صاف سٿري سياست سان آجو ڪري ڏيکاريو. هن جو مقصد هيو ته سنڌ جهڙي خطي جو سياسي حل قومي جمهوري انقلاب ۾ آهي جنهن وسيلي پورهيت عوام سک جو ساهه کڻي سگهندو. هن عملي سياست کان سواءِ لکڻ پڙهڻ وارا سلسلا پڻ جاري ساري لکيا، سندس ڪيئي لکڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ شائع ٿينديون رهيون، ڪيترن ئي لکڻين کي ڪتابي صورت پڻ ملي. اهڙي طرح هن ڪجهه ڪهاڻيون پڻ لکيون.

هو نظرياتي ۽ آدرشي ادب جو وڏو پاٺڪ هيو اهڙي ڳالهه جي ثابتي اسانکي ان وقت ملي جڏهن سندس شريڪ حيات ميڊم گلفام ۽ سندس پٽ مبارڪ، سال اول ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي ذاتي لائبريري جا ڪجهه ڪتاب قاضي غفار لائبريري وارهه جي حوالي ڪيا، جتي سندس نالي سان هڪ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل ڪتاب روسي ادب جا آهن، انهن سرخ ڪتابن ۾ انقلاب ۽ آجپي جا ذڪر ٿيل آهن، انهن ڪتابن ۾ ٻڌايل آهي ته ڪيئن هيڻن ڏاڍن کي شڪست ڏني، ڪيئن محڪومن آزادي جي ديوي جو مک چميو، ڪيئن مظلومن هٿان ظالمن جو راڄ ختم ٿيو. انهن ڪتابن کي ڏسي، پڙهي ۽ پُرجهي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي منزل پورهيت راڄ برپا ڪرڻ هئي.

سياسي هوائون ڪڏهن ابتيون گهلن ته ڪڏهن سبتيون گهلن جن سان وايو منڊل، ملڪ، خطا ۽ کنڊ تبديل ٿيندا آيا آهن. اهڙي گرم هوا 90 واري ڏهاڪي ۾ طوفان سان گڏ گهلي جنهن سويت يونين جي وڏي وڻ کي پٽ تي ڪيرائي وڌو، اهڙي منفي هوا محڪوم قومن جي فائدي ۾ ڪونه هئي، ماڻهن، فردن، قومن ۽ خطن جا سمورا خواب ساڀيان جي رستي تي فوت ٿي ويا، جيڪي تحريڪون هلي رهيون هيون انهن جي اڳيان وڏا بريڪر اچي ويا جنهن سان سندن وڏو نظرياتي هاڃو ٿيو. اهڙي ماحول جو پڻ هتي به اثر ٿيو، ماڻهن آجپي جي راهه تي هلندي هلندي رڪجي ويا، جيڪي آدرش هيا اهي پڻ متاثر ٿيا، اهڙي سمي جو ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ۽ سندس پارٽي تي پڻ اثر پيو، جيڪا اڳتي هلي هلي رڪجي وئي، ائين آهستي آهستي آجپي ۽ آدرش جي واٽ جو پانڌيئڙو ڊاڪٽر ارباب عملي سياست کان پري ٿي پنهنجي پارٽي کي ختم ڪري ڇڏيو.

سچ پچ ته سويت يونين ٽٽڻ جو نقصان هڪ فرد کي نه پر دنيا جي ڪيترن ئي تحريڪن ۽ هلچلن کي پيو، اهڙو نقصان پورهيت ۽ مذدورن کي پڻ پلئه پيو جيڪي ڇٽ پٽن تي ڪيرائڻ لاءِ سياسي ميدان تي گامزن هيا. روس ٽٽڻ بعد ڪيترائي اهڙا اڳواڻ هيا جن مٿان سرخ انقلاب جو سج لهندو ۽ اڀرندو هيو، انهن مان اڪثر مايوسين جي ماٿرين ۾ اهڙي ٽٻي هنئي جو هن وقت تائين ڳولهي نٿا لڀن، ڪن مسجدن جي ممبري سنڀالي، ڪن مندرن جا گهنڊ وڃايا، ته وري ڪن اڌ وال جي گيڙو ڪفني پائي حرامي به حق موجود ته حلالي به حق موجود جو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو. پر اهڙي ماحول ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ پنهنجو وقار ڪون وڃايو، هو وقتي طور مايوس ضرور ٿيو پر ڪنهن جڳهه تي مٿو ڪونه ٽيڪيو. هو نه صوفي ٿيو، نه ملان ٿيو نه ئي وري لاڪوفي ٿيو.

ڊاڪٽر اربارب کهاوڙ جي اڄ ورسي آهي، اڄوڪي ڏينهن تي هڪ اهڙي مهان اسان سڀني کان موڪلايو جنهن سوچ جو محور پيڙهيل طبقو هيو، جنهن جي آسودگي لئه هن جوڀن واري وهي کان وٺي اڇن وارن تائين جفاڪشي جا جبل سر ڪيا. اهڙا ماڻهو ڪٿي ٿا مري سگهن، اهڙا انسان ته جيئڻا آهن، اهڙن ماڻهن جي حياتي ٻين لاءِ مشعل راهه بڻيل هوندي آهي،  جنهن تي هلي آخر سک جا سوين سرخ سورج اڀري پوندا آهن ۽ ائين ماڻهو سکن واري سماج جي اڏاوت ۾ سڦلتا ماڻيندي اڳتي وڌندا هلندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.