ڪارپوريٽ فارمنگ تي سنڌ جا خدشا اجايا ناھن

تحرير: رحمت الله ٻرڙو 

 

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ٿئي پئي،ڪارپوريٽ فارمنگ ھجڻ،ڪرڻ ۽ ٿيڻ ۾ ڪو به ڏوھ ناھي ۽ نه ئي ڪو ڪنھن کي اعتراض. مختلف شعبن ۾ جديديت پسند بنيادن تي ڪيتريون تبديليون اينديون رھنديون جنھن کي ڪوبه روڪي نٿو سگھي. ضروري آھي ته آباديءَ جي واڌ ويجھه ۽ حالتن جي ضرورتن پٽاندڙ شين جي گھر جدت کي پسند ڪندي. پر اھا جدت انھن قومن،ملڪن،رياستن کي نه کپي جيڪا انھن لاءِ مستقبل ۾ ڏکيائيون پڻ آڻي. سڀ کان پهريان ته ڪارپوريٽ فارمنگ کان ڪو به انڪار ڪونھي اھا حڪومتي، ادارتي بنيادن تي ٿئي،عوامي بنيادن تي ٿئي ڪو اعتراض ڪونھي. پر جڏھن اھا ڪارپوريٽ فارمنگ ڪنھن پرائيويٽ ڪمپني يا سيڪٽر کي ڏيڻ سان ٿئي سو به ڌاريو ھجي، اھا ڪارپوريٽ فارمنگ ڪنھن پرڏيھيءَ کي ڏجي ۽ ھن سان اتان جي آباديءَ کي متاثر ڪرڻ جا خدشا ھجن،اتي جي آباديءَ کي ۽ صوبي کي ان اپت مان ڪوبه فائدو نه پھچي. اتي جي آباديءَ کي روزگار نه ملي سگھي؟اتي جي عوام کي اقليت ۾ آڻڻ جا خدشا پيدا ٿين، اتي جو درياھي يا نھري پاڻي تي اھا ڪارپوريٽ فارمنگ اثر انداز ٿئي؟

مستقبل ۾ اتي جي ھن ھيڏي وڏي لکين ايڪڙ زمينن تي غير علائقائي،غير صوبائي ۽ غير ملڪي پنھنجي مرضيءَ جي آبادي ليبر گڏ ڪري سالن پويان ڌرتيءَ واسين جي آباديءَ کي اقليت ۾ آڻي ته پوءِ؟؟ اھي اھڙا کوڙ سارا سوال، خدشا، امڪان انومان  ۽ دنيا جي قومن سان ٿيندڙ زيادتين جي بنياد تي اعتراض پڻ مستقبل بعيد جي ئي نه پر مستقبل قريب ۾ ئي قومي الميي طور نظر اچن پيا. اڄ اوھان بلڪل به ڪيتريون ئي تسليون ڏيو ته ايئن ڪونه ٿيندو، پر اسان جو ماضي ٻڌائي ٿو ته سنڌ جون بھترين زرخيز زمينون ريٽائرڊ فوجين ڪرنلن ۽ برگيڊيئرز ۽ جنرلن کي ڏئي اتي زيادتي ڪئي وئي. گڊو بئراج کان ويندي سانگھڙ ۽  سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ بھترين ھزارين ئي نه پر  لکين ايڪڙ زمين مفت ۾ ڏني وئي آھي. اتي ھن وقت به چڪ ڦلاڻو، چڪ ڦلاڻو ،اتي پنجاب کان گھرايل ھاري ۽ مزدور اڄ سنڌ ڊوميسائيل بيسڊ ٿي چڪا آھن ۽ سانگھرکان وٺي نوشهروفيروز ۽ نوابشاھ کان ويندي ميرپورخاص تائين ،ڪوٽڙي بئراج کان ويندي گڊو بئراج جي پسگردائيءَ ۾ لکين ماڻھون پنجاب صوبي جا آباد ڪيا ويا. اھڙي نموني اسان جي زمينن جو نھري يعني زرعي پاڻي به انھن زمينن کي ڏنو ويو آھي.

اھڙي ئي بنياد تي ھينئر گذريل سال کان وٺي ھن وقت تائين خصوصي طور نگران حڪومت ۾ سنڌ جي اھم ايگزيڪيوٽو پوسٽن ايتري تائين جو چيف سيڪريٽري سنڌ،آءِ جي سنڌ،روينيو وزير کان ويندي وزير اعلي سنڌ به زرعي معاملن ۽ روينيو معاملن توڻي ڪارپوريٽ فارمنگ واري سوچ کان نابرا ماڻھو رکيا ويا ته جيئن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنا اعتراضن جي پرائيويٽ سيڪٽر حوالي ڪري سگھجي.

جيڪا پڻ ليز جي بنياد تي عوامي اعتراضن ۽ احتجاجن تي جي باوجود ڏني وئي. جڏھن ته اھڙي قسم جي ڪنھن به سرڪاري اسم کي بنا اسيمبلي ۽ بنا عوامي مينڊيٽ جي نمائيندن ۽ خاص طور نگران سرڪار کي ڪوئي به قانوني،آئيني،اخلاقي ۽ سرڪاري حق ئي ناھي. جنھن بابت تازو چونڊجي آيل وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ به چئي چڪو آھي ته انھن فيصلن کي نظرثاني لاءِ اسيمبليءَ ۾ آڻيو ويندو. جيڪڏھن ايئن نٿو ٿئي ته به اسين حڪومت سنڌ ئي نه پر وفاقي حڪومت جنھن جي سنڌ حڪومت خود اتحادي حڪومت پڻ آھي کان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ دشمن ،عوام دشمن ۽ ڌرتي دشمن فيصلن کي واپس ڪرائي سنڌ جي عوامي خدشن کي ختم ڪري اطمينان وارو يقين ڏياريو وڃي. ٻي صورت ۾ خود سنڌ حڪومت سان لاڳاپيل پيپلز پارٽي جو قائد موجوده چونڊيل صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ کان به مطالبو ٿو ڪجي ته ھو سنڌ جي عوامي خدشن ۽ مستقبل جي خطرناڪ نتيجن کي ھاڻي ئي ختم ڪرائيندو ته پڻ سندس ڪردار تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.

ان کان علاوھ سنڌ ۾ ٻاھرين ملڪن جا ڪارپوريٽ فارمنگ سيڪٽر ۾ جيڪا سيڙپ ڪاري کڻي اچن ٿا سي به انھيءَ پرائيويٽ ڪمپني جنھن کي ليز ڏئي لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين ڏني آھي جي شرطن موجب سيڙپ ڪندا،سوال اھو آھي ته اھي ڪھڙا شرط ھوندا ؟سي ھن وقت تائين عوام جي سامھون ناھن اچي سگھيا، سوال اھو به آھي ته انھن زمينن کي جيڪو درياھي يا نھري پاڻي ملندو ڇا اھو پاڻي اسان جي واھن ،شاخن ۽ بئراجن ذريعي ايندڙ نه ھوندو، جي ھوندو ته سنڌ جو صدين کان زرعي آباد ٿيندڙ زمينون ھن وقت به ھر سيزن ۾ پاڻيءَ کان وانجھيل ھجڻ سبب جوڳي آبادي نٿي ٿي سگھي ته ڇا ھي ڪارپوريٽ فارمنگ سيڪٽر وارا سنڌ ۾ به ته ڪالا باغ ڊيم واري صورتحال پيدا ڪندا.؟ يقينن ايئن ٿي سگھي ٿو ته موجوده آبادگارن لاءِ ڪنھن ڪالاباغ ڊيم واري ھچا کان اهو عمل گھٽ ڪونه ھوندو.

ٻي صورت اھا آھي ته ٻاھرين ملڪن کان ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ سرمائيدار ھتان جي زرعي پيداوار پڻ پنھنجي ملڪ ڏانھن کڻي ويندا ۽ ھتي جي ٺيڪي جا جيڪي پئسا ڏيندا سي ليز کڻندڙ پنجاب جي ڪمپني ھولڊر کڻي ويندو سنڌ کي ڇا ملندو، ڪجھه به نه سواءِ پھرين مرحلي ۾ سستي ليز کڻڻ وارن پئسن کانسواءِ ڪجهھ به نه.!!

ھاڻي اھي مٿي بيان ڪيل خدشا سنڌ جي عوام جا قطعي به غلط ڪونه آھن ،انھن خدشن ئي نه پر يقيني اعتراضن کي توھان ريٽارئرڊ فوجين کي مليل سنڌ جي زرخيز زمينن جي آبادگاريءَ واري پس منظر ۾ پرکيو ۽ ڏسو ته مستقبل ۾ ھنن موجوده ڪارپوريٽ فارمنگ سيڪٽر واري سلسلي ۾ ڏنل زمينن جا نتيجا سامھون آڻي سگھو ٿا.جيئن سنڌ جو عوام،ميڊيا توڙي سياسي سماجي حلقا انھن خدشن کي احتجاجن ريڪارڊ تي رکڻ لاءِ احتجاج ڪن پيا.

ھن وقت پيپلز پارٽيءَ جي قيادت مسلسل چار دفعا عوامي مينڊيٽ وٺي سنڌ ۾ حڪومت ۾ آئي آھي.

ان ڪري پيپلز پارٽي قيادت کي ء سنڌ جو مسلسل ٽيون دفعو وزير اعلي جي عھدي تي آيل سيد مراد علي شاهه کي به ته سندس ڪابينا کي کپي، ته ھو سنڌ جي عوامي اعتراضن ۽ خدشن کي سامھون رکي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي مليل زمينن واري ليز کي اسيمبليءَ ۾ بحث ھيٺ آڻي نوان شرط عوامي اعتراضن جي بنياد تي رکيا وڃن. مثال طور سنڌ جي زمينن جي مالڪيءَ جو حق سنڌ جي ماڻھونء کي ھجڻ ضروري آھي جيئن عرب امارات ۾ پڻ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.