اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جعلي مينديٽ تي ٻڌل ڪابينا کي جعلي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته عوام هٿان ذلت واري شڪست کائيندڙ ڪردار حد درجي جي هٺ ڌرمي ۽ بي شرمي جو مظاهرو ڪندي جعلي ۽ غير آئيني ڪابينا جو حلف کڻي رهيا آهن، ترجمان ٻڌايو ته جعلي وزيراعظم جي جعلي ڪابينا ظاهر ۾غير آئيني نگران حڪومت جو هڪ تسلسل لڳي ٿي، ترجمان چيو ته عوام جي اڻ چونڊيل ماڻهن کي وزيراعظم ۽ صدر جي عهدن تي چونڊڻ کان پوءِ رد ٿيل جوابدارن کي وزارت جي ونڊ ورڇ نام نهاد جمهوري نظام جي منهن تي چماٽ آهي، ترجمان چيو ته گذريل 2 سالن اندر ملڪ جي معشيت تي تباهي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ جي ذميوارن جي هڪ دفعو ٻيهر اهم عهدن تي مقرري عوام سان دشمني کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، ترجمان چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ محسن نقوي جهڙن ماڻهن جي شموليت نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي غير آئيني ڪردار تي ٺپو هڻي ڇڏيو آهي، ترجمان چيو ته جعلي فارم 47 جي بنياد تي جوڙي ويندڙ غير آئيني ۽ جعلي ڪابينا کي رد ڪريون ٿا.