ايوان زراعت سنڌ پاران ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمي آرڊيننس غير آئيني قرار

حيدرآباد(رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ نگران وفاقي سرڪار پاران ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمي آرڊيننس کي غير آئيني، غير قانوني ۽  آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو، آبادگارن صدر، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي فوري طور تي گذريل نگران سرڪار خلاف پنهنجا اختيار اورانگهڻ، گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي نظر انداز ڪرڻ وارن قدمن جو نوٽيس وٺي جواب طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاھ جي صدارت ھيٺ ايوان زراعت سنڌ جي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد ۾ ٿيو. آبادگارن چيو ته گذريل نگران سرڪار کي ڪنھن به آئيني ايڪٽ ۾ ڪابه ترميم ڪرڻ جو اختيار نه هو، اھو اختيار صرف عوام جي چونڊيل پارليامينٽ، حڪومت ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي هوندو آھي، ارسا ايڪٽ ۾ ڪابه ترميم ڪرڻ کان اڳ چونڊيل حڪومت سڀ کان پھريان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ايجنڊا کڻي ايندي آھي، اسان صدر مملڪت، وزير اعظم پاڪستان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيون ٿا ته ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل غيرقانوني ترميم کي بنا دير رد ڪري عملدرآمد کي روڪيو وڃي. اجلاس ۾ آبادگارن چيو ته 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ امپورٽ ڪيو ويو هو، جيڪو اڃا تائين شهدادپور جي گوادمن ۾ پيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جو 52 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ جو حصو ٿئي ٿو پر اهو امپورٽيڊ ڀاڻ هن وقت تائين سنڌ جي آبادگارن کي فراهم ناهي ڪيو ويو، هنن امپورٽيڊ يوريا ڀاڻ مختلف ڀاڻ ڪمپنين کي ڏيڻ جي مذمت ڪندي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو ته هن وقت يوريا ڀاڻ جي سرڪاري ڪنٽرول قيمت 3652 رپيا في ٻوري آهي پر بليڪ مارڪيٽنگ تي 6500 رپيا في ٻوري وڪرو ٿي رهيو آهي، ڊيلر مافيا هن وقت تائين آبادگارن کان يوريا ڀاڻ جي مد ۾ 50 ارب رپين جو ڌاڙو هڻي چڪي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته امپورٽيڊ يوريا ڀاڻ فوري طور تي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ سرڪاري اگهه 3652 رپيا في ٻوري جي حساب سان آبادگارن کي مھيا ڪيو وڃي آبادگارن چيو ته سنڌ ۾ ڪپهھ جي پوکي شروع ٿي وئي آھي، نج ڀاڻ ۽ ڪپهھ جو نج ٻج نه ملي پيو، غير تصديق ٿيل پنجاب جو ٻج سنڌ ۾ سرعام وڪرو ٿي رھيو آھي ۽ ڪنھن به ٻج جي ٻوري تي سرڪاري تصديق جو نشان لڳل ناھي، ايوان زراعت سنڌ مطالبو ڪري ٿو ته فوري طور تي سنڌ کي ڪپھ جو معياري ٻج مھيا ڪري غير معياري ٻج ضبط ڪري ڪمپنين تي ڏنڊ وڌا وڃن ۽ ڪپھ جي ٻج جي گھٽ ۾ گھٽ 70 سيڪڙو جرنينيشن لازمي قرار ڏئي، ساجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ جو جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙي، نبي بخش سٺيو، خادم حسين بهراڻي، الطاف حسين شاھ، مير عبدالڪريم ٽالپر، غلام حسن چاچڙ، مراد علي نظاماڻي، وفا لطيف جوکيو ۽ ٻيا آبادگار اڳواڻ موجود هئا.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.