اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پاران معاشي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ايوانِ صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، معاشي چيلينجز کي نظر ۾ رکندي صدر آصف علي زرداري پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
صدر آصف علي زرداري جي فيصلي جو مقصد ملڪ ۾ دانشمنداڻي مالياتي انتظامن کي همٿائڻ آهي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صدر قومي ناڻي تي بار نه وجهڻ جو فيصلو ڪندي پگهار نه وٺڻ کي ترجيح ڏني.
You might also like