نسيم شاهه تي ڏنڊ لڳي ويو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) اسلام آباد يونائيٽڊ جي فاسٽ بالر نسيم شاهه تي ميچ فيس جو ڏهه سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
ڪرڪيٽر نسيم شاهه گذريل ڏينهن اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏيل ميچ جي آخري بال کانپوءِ ڪاوڙ ۾ اسٽمپ کي لت هنئي هئي.
پي سي بي موجب، نسيم شاهه ملتان سلطانز خلاف ميچ ۾ ليول ون قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، مٿس آرٽيڪل 2 پوائنٽ 2 تحت ڏنڊ لڳايو ويو آهي جڏهن ته فاسٽ بالر نسيم شاهه پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري ورتو.
ان کانسواءِ پي سي بي ملتان سلطانز تي به سلو اوور ريت سبب ڏهه سيڪڙو ڏنڊ مڙهيو آهي، ملتان سلطانز هڪ اوور مقرر وقت کان پوءِ هلايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.