ماهرا خان جي وليمي جون تصويرون منظرِعام تي اچي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سپر اسٽار ماهرا خان جي وليمي جو تصويرون منظرعام تي اچي ويون آهن.
ماهرا خان جي شادي بزنس مين ۽ ويجهي دوست سليم ڪريم سان گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٿي هئي جنهن جون تصويرون اداڪارا طرفان جاري ڪيو ويون هيون.
ماهرا خان نه رڳو نڪاح جون تصويرون شيئر ڪيون پر انسٽاگرام تي وقت به وقت مختلف تقريبن جون تصويرون مداحن سان شيئر ڪيون.


پر اداڪارا وليمي جون تصويرون شيئر نه ڪيون هيون، سندس فوٽوگرافي ڪندڙ فوٽو گرافر فاطمه طارق طرفان وليمي ٻه تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن.
اداڪارا ماهرا خان بنٽو ڪاظمي جي ڊيزائن ڪيل ساڙيهي پنهنجي وليمي ۾ پهري ۽ سندس ميڪ اپ انعم فاروق خان ڪيو .
جاري ڪيل تصويرن ۾ اِهو واضح ناهي ته ماهرا وليمي جي تقريب آڪٽوبر ۾ ٻين تقريبن سان گڏ ٿي هئي يا ويجهڙ ۾ ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.