ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري پاران ڌيءَ آصفا ڀٽو کي فرسٽ ليڊي بڻائڻ جي فيصلي جي حوالي سان خبرون گردش ۾ آهن.
مختلف خابرو ادارا ذريعن وٽان ٻڌائي رهيا آهن ته آصفا ڀٽو زرداري کي خاتون اول جو درجو ڏنو ويندو.
خابرو ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي نياڻي آصفا ڀٽو کي خاتون اول ڊڪليئر ڪندو. آصفا ڀٽو کي خاتون اول جو پروٽوڪول ڏنو ويندو.
اهڙي ريت هو پهرين خاتون اول هوندي جيڪا صدر جي ڌيءَ آهي، آصفا ڀٽو عام چونڊن ۾ پنهنجي ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري جو ڀرپور ساٿ ڏنو.
خيال رهي ته اهڙيون ڳالهيون ان وقت شروع ٿيون جڏهن پيپلزپارٽي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي آصف علي زرداري ۽ آصفا ڀٽو زرداري جي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي وئي.
تصوير جي ڪيپشن ۾ آصفا ڀٽو زرداري کي فرسٽ ليڊي لکيو ويو هو. ممڪن آهي ته کيس شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عڪس طور ڄاڻايو ويو هجي.