گهر تباهه ٿي ويو، ٻار مصيبت ۾ آهن، مجبور ٿي عدالت اچڻو پيو: خاور مانيڪا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا چيو آهي ته عدِت ۾ نڪاح وارو ڪيس سياسي نوعيت جو نه آهي، سندس گهر تباهه ڪيو ويو انڪري مجبورن ۾ عدالت اچڻو پيو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا چيو ته پهريان هنن کي خبر نه هئي ته لڪي نڪاح ڪيو ويو آهي، لڪي نڪاح ڪرڻ شريعت جي خلاف آهي، ٻار به پريشان آهن.
صحافي سوال ڪيو ته ڇا ملازم محمد لطيف اوهان کي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نه ٻڌايو؟ جنهن تي خاور مانيڪا چيو ته ملازم اشارو ئي ڪري سگهي ٿو، واضح نموني ٻڌائي نٿو سگهي.
هن چيو ته ٻارن کي سندس ۽ بشريٰ بي بي جي طلاق جي ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي کين خبر هئي ته بشريٰ بي بي ۽ عمران خان لڪي نڪاح ڪيو آهي، ٻار مڃن ئي نٿا ته ٻنهي نڪاح ڪري ڇڏيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن عدالت ٻڌڻي لاءِ آيو ته پهريون ڀيرو عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نڪاح نامو ڏٺو، ٻارن کي عدالت مان حاضري کانپوءِ بشري بي بي جي نڪاح جو ٻڌايو، کين ٻڌايو ته جنوري 2018ع ۾ نڪاح ٿي چڪو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته منهنجا ٻار گذريل پنجن ورهين کان ڏچي ۾ آهن، مان ته عمران خان کي نٿو سڃاڻان، عدِت ۾ نڪاح جو ڪيس سياسي نوعيت جو نه آهي، منهنجو گهر تباهه ڪيو ويو، مجبورن عدالت اچڻو پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.